
آبپاشيءَ لاءِ پاڻيءَ جو ڪئنال
آبپاشي: زرعي زمين کي پاڻي پھچائڻ واري سرشتي کي ”آبپاشي“ چئبو آھي. سنڌ ۾، پنج ھزار سال اڳ ”موھن جي دڙي“ واريءَ تھذيب ۾ آبپاشيءَ جو بھترين نظام موجود ھو. اڄ بہ سنڌو درياھہ جو پاڻي آبپاشيءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اڳين وقتن ۾ سنڌ ۾ آبپاشيءَ جا ٽي طريقا ھوندا ھئا: (1) چرخي، (2) موڪي ۽ (3) بوسي. پھرئين طريقي کي ”چاڙھي واري آبپاشي“ سڏيو ويندو ھو، ڇو تہ ھن طريقي ۾ ھرلي يا نار ذريعي پاڻي مٿي کڻي، زمين ڏانھن نيڻو پوندو ھو. جيڪڏھن زمين ھيٺاھينءَ ڏانھن ھوندي ھئي ۽ ڪنھن ڪڙئي يا شاخ مان پاڻي زمين ڏانھن وھي سگهندو ھو تہ انهيءَ سرشتي کي ”موڪي“ يا ”وھڪري واري آبپاشي“ سڏيو ويندو ھو. جڏھن واھہ ۾ پاڻيءَ جي سطح اوچي ھوندي ھئي تہ قدرتي طرح ھيٺ ٻنيءَ ۾ پاڻي پھچي سگهندو ھو. آبڪلاڻيءَ جي مند جـَهڪي ٿيندي ئي ھاريءَ کي ھرلو يا نار ڪتب آڻڻو پوندو ھو، جنھن طريقي کي ”چرخي“ سڏيو ويندو ھو. ٽئين طريقي کي ”بوسي“ سڏبو ھو. اھو طريقو خشڪ فصلن، خاص ڪري ڪڻڪ ۽ دالين جي فصلن اپائڻ لاءِ ڪم آندو ويندو ھو. ٻوڏن جي وقت ۾ ٻنيون ٻارا سڀ پاڻيءَ سان تار ٿي ويندا ھئا ۽ جڏھن ٻوڏون ھٽي وينديون ھيون، تہ اڌ سڪل وٽائتي زمين کي دستوري طرح ھر ڏيئي، کيڙي پوک ڪئي ويندي ھئي ۽ انهيءَ پوک کي زمين ۾ اچي ويل پاڻيءَ مان ريج ملندو ھو. سمن جي دؤر ۾، پھريون دفعو، ڄام نندي (نظام الدين) جي وزيراعظم دولھہ دريا خان واھ کوٽايا. ھن ان سلسلي ۾ ساڪري پرڳڻي ۽ ٺٽي جي آسپاس ”خانواھہ“ ۽ سيوھڻ لڳ پٽ باران ۾ ”ساوه واھہ“ کوٽايا. ڪلهوڙن جو دؤر، سنڌ جي زراعت، آبادي ۽ پورھيتن لاءِ سونھري دؤر ھو. ڪلهوڙا پاڻ آبادگار ھئا ۽ زرعي پيشي کان پوريءَ طرح واقف ھئا، تنھنڪري سندن حڪومتي دؤر ۾ آبپاشيءَ جي نظام ۾ وڏي تبديلي آئي. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ھيٺيان نوان واھہ کوٽايا ويا: پراڻ، نارو، اڙل، گوني، پڃاري، گونگڙو، لکي، سيتا، بگهاڙ، امرڪس، نورواھہ، نصرت واھہ ۽ سرفراز واھہ، جيڪي اڄ تائين موجود آھن. ٽالپرن جي دؤر ۾ بہ ڪافي واھہ کوٽايا ويا، جن مان باگو واھہ، مارک واھہ ۽ کورواھہ قابل ذڪر آھن. انگريزن پنھنجي دؤر حڪومت ۾، سنڌو درياھہ تي سکر وٽ بند ٻڌايو، جيڪو ”سکر بئراج“ جي نالي سان مشھور آھي. ھن بئراج تي دنيا جو وڏي ۾ وڏو نهري نظام قائم آھي. ھن وقت آبپاشيءَ جي مقصد سان سنڌ ۾ ٽي بئراج اڏيل آھن: سکر بئراج، گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج، جن جي واھن تي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. سکر بئراج مان ست وڏا واھہ نڪرن ٿا، جن ۾ ساڄي پاسي کان اتر اولھہ ڪئنال يا کيرٿر ڪئنال، رائيس ڪئنال، دادو ڪئنال ۽ کاٻي پاسي کان اڀرندو نارو، اڀرندو خيرپور ڪئنال، روھڙي ڪئنال ۽ الھندو خيرپور ڪئنال نڪرن ٿا. ھنن واھن تي 75 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. گڊو بئراج مان چار وڏا واھہ: بيگاري سنڌ فيڊر، ڊيزرٽ پٽ فيڊر، گهوٽڪي پٽ فيڊر ۽ ريڻي ڪئنال نڪرن ٿا، جن مان 2 واھہ: بيگاري سنڌ فيڊر (بي. ايس فيڊر، جنھن کي عام طور گڊو واھہ سڏيو ويندو آهي.) ۽ ڊيزرٽ پٽ فيڊر ساڄي پاسي کان، جڏهن تہ گهوٽڪي پٽ فيڊر ۽ ريڻي ڪئنال کاٻي پاسي کان نڪرن ٿا. اهي چارئي واھہ سنڌ جي 23 لک ۽ بلوچستان جي 7 لک ايڪڙ زمين آباد ڪن ٿا. ڪوٽڙي بئراج مان چار واھہ نڪرن ٿا، جن جا نالا ڪلري بگهاڙ، لائين چئنل، ڦليلي ۽ پڃاري آھن. ھنن واھن تي حيدرآباد، بدين، ٺٽي ۽ ڄامشوري ضلعن جي 28 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.