
آبو جبل
آبو جبل: هندوستان جي صوبي راجستان جو هڪ جبل، جيڪو سمنڊ جي سطح کان ساڍا چار هزار فوٽ اوچو آهي، جيئن تہ هي جبل آبو (Abu) شھر جي ويجهو آهي، انهي ڪري هن جبل کي آبو جبل (Mount Abu) سڏيو وڃي ٿو. هي مشھور هل اسٽيشن (Hill Station) بہ آهي. هي جبل احمد آباد کان 176.9 ڪلوميٽر اتر طرف آهي، هن جبل جي سڀ کان اوچي چوٽي تقريباً پنج هزار ڇھہ سئو (5600) فوٽ مٿي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي جبل صحت افزا مقام طور سڄي ڀارت ۾ مشھور آهي. هت ماڻهو تفريح لاءِ ايندا آهن ان سان گڏوگڏ جين مذهب جا پوئلڳ پڻ هر سال هزارن جي تعداد ۾ ايندا رهندا آهن. ڇاڪاڻ جو جين مذهب جا هن هنڌ ڪيترائي مندر آهن. آبو جبل جو احوال مهاڀارت ۾ پڻ موجود آهي. مهاڀارت ۾ هن کي ”آربووا جبل“ چيو ويو آهي. هتي جي مندرن مان هڪ مندر ”تيج پال“ جي نالي سان مشھور آهي جيڪو سن 1197ع کان 1247ع ۾ ئي ٺھي راس ٿيو. هڪ ٻيو مندر جيڪو سولنڪي خاندان جي حڪمرانن تعمير ڪرايو، سو سڀني مندرن کان پراڻو مندر آهي. اهو مندر 1032ع ۾ جڙي راس ٿيو.