آبدوز شڪن جو هڪ نمونو

آبدوز شڪن جو هڪ نمونو

آبدوز شڪن

آبدوز شڪن: انگريزي ۾ ان هٿيار کي (Anti- submarine) چئبو آهي. هن جنگي هٿيار سان آبدوز کي تباھہ ڪري سگهبو آهي. پاڻي اندر ڪنهن دشمن ملڪ جي آبدوز کي تباھہ ڪرڻ لاءِ آبي بم، آبي توپون، آبدوز سرنگهون ۽ تارپيڊو خاص ايجادون آهن. هن وقت ترقي يافتہ ملڪن وٽ جديد قسم جا آبدوز شڪن موجود آهن. ٻي عالمي جنگ دوران آبدوزن جو پتو لڳائڻ لاءِ سونار (sonar) نالي اوزار نهايت ڪارگر ثابت ٿيو. آبدوز ٻيڙو هڪ آبدوز شڪن سان آساني سان تباھہ نہ ٿيندو آهي، ڇھہ کان ست بحري جھاز گڏجي مٿس حملو ڪندا تہ ڪو نہ ڪو گولو کيس لڳي پوندو ۽ آبدوز کي ٻوڙي ڇڏيندو.


لفظ آبدوز شڪنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو