آبداڻي: ٺٽي ننگر ۾ رھندڙ ھڪ مشھور ذات آھي. عام طرح اھي حڪمرانن جي ملازمت ۾ رھندا ھئا ۽ سندن حڪمرانن وٽ ھلندي پڄندي ھئي، انھيءَ ڪري پھاڪو مشھور ٿيو تہ: اڀ ﷲ جـــو، ڀـــــونءَ ڀـــــٽِــــرن جـــــي، ان آبداڻين جو، ڪوڙ ڪاتيارن جو.