آبدارُ: آبپاشيءَ جو نظام هلائيندڙ کاتي جو ملازم، جيڪو ڪنهن واھہ يا شاخ جي منڍ کان وٺي ڪنهن خاص پيچ تائين سنڀال ڪري ۽ ڏسي تہ واھہ جي ٻنهي ڪپن جا بند سلامت آهن يا نه؛ واھہ مان نڪتل ننڍن واٽر ڪورسن مان پاڻي صحيح ماپ سان وهي ٿو يا نه؛ يا واھہ جي ڪپن سان بيٺل سرڪاري وڻ ضايع تہ نٿا ٿين. جڏهن تہ ”پاڻيءَ جي ورڇ رکڻ“ بہ آبدار جو ڪم آهي. هو وهڪري جي حساب سان زميندارن کي پاڻيءَ جي ورڇ وارو تفصيل ڏيندو آهي.