آباد ڍنڍ: ضلعي ڄامشوري، تعلقي سيوهڻ جي شھر لڪي شاھہ صدر لڳ ٺيٻاٺ ڀرسان واقع هڪ ڍنڍ آهي، جيڪا ٺيٻاٺ ڍنڍ کان ڌار آهي. هن ڍنڍ جي ويجهو ’آباد‘ ڳوٺ آهي. هيءَ ڍنڍ سانوڻيءَ ۾ درياھہ ذريعي ڀربي آهي ۽ فشريز کاتي جي انتظام هيٺ آهي. هن ڍنڍ ۾ تمام گهڻي مڇي مرندي آهي.