تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-04-23 عيسوي تاريخ ۾


1616.04.23ع :   وليم شيڪسپيئر جي وفات 23 اپريل 1616ع تي ٿي... وڌيڪ پڙهو 1915.04.23ع :  احمد خان اختر: احمد خان ولد عبدالرحيم ميمڻ ، 23 اپريل 1915ع تي ڳوٺ بولاخان شوري ، ضلعي حيدرآباد ۾ ... وڌيڪ پڙهو 1956.04.23ع :  نامور صحافي ۽ ليکڪ جان خاصخيليءَ جو پورو نالو جان محمد ولد حاجي خاصخيلي آهي. هن 23 اپريل 1956ع تي تع... وڌيڪ پڙهو 1956.04.23ع :   ’ريپبليڪن پارٽي‘، 23 اپريل 1956ع تي قائم ٿي ۽ ان جو ڪنوير ڊاڪٽر خانصاحب کي بنايو ويو .... وڌيڪ پڙهو 1966.04.23ع :   استاد بڙي غلام علي خان جي وفات 23 اپريل 1966ع ۾ ٿي .... وڌيڪ پڙهو 1988.04.23ع :  درگاهي ميراڻي دل جي دوري پوڻ سبب 23 اپريل 1988ع تي وفات ڪري ويو... وڌيڪ پڙهو 1991.04.23ع :  عزيز حامد مدني 23 اپريل 1991ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ پراڻي لياقت آباد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.... وڌيڪ پڙهو 2011.04.23ع :  سڪندر سومري 23 اپريل 2011ع تي حيدرآباد جي راجپوتانا اسپتال ۾ وفات ڪئي. کيس ڳوٺ حاجي سومري ۾ مٽيءَ م... وڌيڪ پڙهو 2013.04.23ع :  شمشاد بيگم 94 ورهين جي عمر ۾ 23 اپريل 2013ع تي وفات ڪيائين.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** سول اسپتال ڪراچي **

سول اسپتال ڪراچي: جڏهن انگريزن ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو ته شهر کان ٻاهر، ’عيدگاهه ميدان‘ ويجهو، هڪ خالي جاءِ تي انگريز فوجين پڙاءُ ڪيو. ان هنڌ تي هنن 1839ع ۾ هڪ ڊسپينسري قائم ڪئي، جيڪا موبائيل ڊسپينسري هئي ۽ فقط فوجين لاءِ هئي. 1846ع جي وچڙندڙ بيماريءَ کانپوءِ فوجي ڪئمپ هٽائي صدر واري علائقي ۾ منتقل ڪيو ويو، پر ڊسپينسري اتي ئي قائم رهي ۽ ان کي اسپتال ۾ تبديل ڪيو ويو. اُها ڪراچيءَ جي پهرين ڊسپينسري ۽ اسپتال هئي. 1854ع ۾ هتي هڪ ڪشادي اسپتال تعمير ڪئي وئي ۽ ان کي عام ماڻهن لاءِ به کوليو ويو ۽ اسپتال جو نالو سول اسپتال (Civil Hospital) رکيو ويو، جنهن جي اڏاوت تي اُن وقت 6876 روپيا خرچ آيو هو. 1858ع ۾ هن اسپتال کي ’سنڌ ريلوي ڪمپنيءَ‘ جي حوالي ڪيو ويو، ان ۾ وڌيڪ وارڊ قائم ڪيا ويا، نرسن جي رهائش لاءِ ڪوارٽر تعمير ڪيا ويا. ان کانپوءِ هن اسپتال کي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو.

سول اسپتال جو پهريون انچارج مسٽر ارامسي (Mr. Aramsay) هو ۽ مسٽر رستم ڪي سڌوا اُن جو اسسٽنٽ هو. 1946ع ۾ هتي ’ڊائو ميڊيڪل ڪاليج‘ قائم ڪيو ويو. هن وقت هيءُ ’سول اسپتال‘ ڪراچيءَ جي وڏي ۾ وڏي سرڪاري اسپتالن مان هڪ ....وڌيڪ پڙهو