تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-04-24 عيسوي تاريخ ۾


1895.04.24ع :  سنت ٽيجارام جو جنم 24 اپريل 1895ع ۾ پير ڳوٺ ۾ ڌرمداس برجواڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو... وڌيڪ پڙهو 1940.04.24ع :  مفتي آفتاب احمد 24 اپريل 1940ع تي بمبئي، مهاراشٽر پرڳڻي جي ڌول علائقي ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1943.04.24ع :  ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو 24 اپريل 1943ع تي خيرپور ۾ ڄائو. ... وڌيڪ پڙهو 1950.04.24ع :  مشهور سخي مرد ۽ سماج سڌارڪ سيٺ خدا داد ولد فضل محمد سرهيي جو جنم 1872ع ڌاري لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو. 24 اپ... وڌيڪ پڙهو 1951.04.24ع :   سيد محسن شاهه بخاري ، ٽنڊي محمد خان جي سيد خاندان سان تعلق رکي ٿو . هن 24 اپريل 1951ع تي سيد عبد... وڌيڪ پڙهو 1956.04.24ع :  اي . ڊي خواجه 24 اپريل 1965ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو ... وڌيڪ پڙهو 1957.04.24ع :   سنڌ جو ناميارو ڪھاڻيڪار اخلاق انصاري 24 اپريل 1957ع تي لاڙڪاڻي ۾ انيس انصاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1958.04.24ع :   نامور سياستدان ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ امر لال ولد ٺاڪرداس تلريجا 24 اپريل 1958ع تي پني عاقل شهر ۾ ج... وڌيڪ پڙهو 1960.04.24ع :   پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر جو جنم 24 اپريل 1960ع تي خيرپور ضلعي جي مشھور ڳوٺ مينگھو فقير شر ۾ ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1965.04.24ع :   شاعره، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ آرٽسٽ شگفته شاهه جو جنم 24 اپريل 1965ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1975.04.24ع :  عبدالحق عالماڻيءَ، جوانيءَ ۾ ئي ڪينسر جي مرض سبب، 24 اپريل 1975ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1984.04.24ع :   مـولانا محـمد شـفـيـع اوڪـاڙوي 24 اپريل 1984ع تي دل جو ٽيون ۽ شديد دورو پوڻ سبب پنجونجاهه سالن جي ڄ... وڌيڪ پڙهو 1996.04.24ع :  هيءُ 24 اپريل 1996ع تي لاهور ۾ وفات ڪري ويو.... وڌيڪ پڙهو 2003.04.24ع :  سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جي مشهور اداڪاره شهزاديءَ جو جنم 1941ع ڌاري محمد هاشم بلوچ جي گهر ۾ سکر شهر ۾ ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 2016.04.24ع :  ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ 24 اپريل 2016ع تي گذاري ويو.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** خاصخيلي ذوالفقار علي **

خاصخيلي، ذوالفقار علي (راڳي): ذوالفقار علي ولد فقير الهڏنو خاصخيلي، ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ پاڪ سنگهار ۾، 5 آگسٽ 1974ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ ڳوٺ مبارڪ جروار هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر ايس. ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان پاس ڪيائين. ذوالفقار جو والد فقير الهڏنو مشهور صوفي راڳي آهي. سندس اوطاقي ماحول ۾ رهندي ذوالفقار عليءَ کي به اهو شوق جاڳيو، نيٺ پنهنجي والد کان راڳ جي سکيا ورتائين. ذوالفقار علي پهريان پي ٽي وي تان نعت شريف پڙهڻ سان شروعات ڪئي ۽ پوءِ پروڊيوسر نعيم بلوچ پروگرام ’سنڌ سڀيتا‘ ۾ ۽ پروڊيوسر قربان چنا کيس پروگرام ’لوڪ رنگ‘ ۾ متعارف ڪرايو. ذوالفقار عليءَ جا ٻه آڊيو البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن، جيڪي ٿر پروڊڪشن ڪمپنيءَ رڪارڊ ڪيا آهن. کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏائي ۽ نصير مرزا متعارف ڪرايو. هيءُ مختلف پروگرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو. هن فنڪار مختصر ڄمار ۾ جشن لطيف اوارڊ، مصري شاهه امام اوارڊ ۽ گاجيلي شريف جي درگاهه جو اوارڊ ۽ ڪيترائي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن. شاهه لطيف، سچل سرمست، مصري فقير، نواب ولي محمد لغاري، احمد فقير کٽياڻ، منٺار راڄ....وڌيڪ پڙهو