تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ٽلٽي **

ٽلٽي: دادو ضلعي ( هاڻي ڄامشوري ) جو هيءُ قديم تاريخي ڳوٺ ۽ شهر ، قديم دور ۾ سنڌو درياهه ڀرسان هو . انهيءَ پراڻي شهر جا کنڊر ، اڄ تائين دڙن جي صورت ۾ موجود آهن . درياهه جي ڇڏيل پيٽ ۾ ڍنڍون ٺهي پيون آهن ، جن مان ڪاري ڍنڍ ، بخاري ڍنڍ ۽ شاهه ڳڙهه ڍنڍ اڄ به موجود آهن .


سمن جي دور جي مشهور علمي ۽ قومي شخصيت مخدوم بلاول جو تعلق به هن ئي شهر سان هو . جڏهن سنڌ جي آزاديءَ ۽ سلامتيءَ تي ارغونن جو حملو ٿيو ، تڏهن مخدوم بلاول ارغونن کي للڪاريو . اهوئي سبب آهي ، جو ارغونن کيس گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪرايو . آڳاٽي وقت ۾ ٽلٽي ، وڏو درياهي پتڻ هو . سمن جي دور ۾ هي شهر واپاري شهر هو . شاهه بيگ ارغون جي زماني ۾ ٽلٽيءَ ۾ ٻه جنگيون لڳيون ، پهرين جنگ شاهه حسن ارغون ( شاهه بيگ ارغون جي پٽ ) سان ٿي ، جنهن ۾ هُن هارايو . پوءِ جلد ئي ان جنگ جي بدلي وٺڻ لاءِ شاهه بيگ ارغون ، ارغونن ۽ ترخانن جي وڏي فوج وٺي ، درياهه ۾ ٻيڙين رستي ٽلٽي پتڻ تي پهتو . شاهه حسن ارغون ، جيڪو هارايل لشڪر وٺي ڳاها طرف وڃي رهيو هو ، اهو سيوهڻ مان مير فاضل ڪوڪلتاش جي اڳواڻيءَ ۾ تازو لشڪر وٺي ٽلٽيءَ پهتو....وڌيڪ پڙهو