سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
تنها: ’تنها ‘ جي عام معنيٰ ’اڪيلو / اڪيلي ‘ آهي . شاعريءَ جي حوالي ۾ ان جو مطلب آهي: ’هڪ خودمختيار معنيٰ دار سِٽ ‘ ، ان ڪري ’تنها ‘ هڪ سٽ جو شعر يا هڪ سٽو شعر به آهي . وڏن نظمن ، مثنوين ، اٺ سٽن ( مثمن ) ، مسدسَ ( ڇهه سٽن ) ، پنجڪڙن/ پنج سٽن ، رباعيءَ ، ٽه سٽي ، هائيڪو ۽ ڏيڍ سٽي وانگر ’تنها ‘ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ وارو پهريون شاعر هند جو سنڌي ’اندر ڀوڄواڻي ‘ هو . ان کان پوءِ هري دلگير ، نارائڻ شيام ، ستيش روهڙا ۽ ٻين شاعرن ان تي طبع آزمائي ڪئي آهي . هري دلگير لکيو آهي ته: ” سِٽ هڪ هجي يا سِٽون گهڻيون هجن ، شعر اهو آهي ، جنهن ۾ شاعراڻو دم هجي . “ جيستائين شعر جي جذبي يا موضوع جو سوال آهي ، ڪو به خيال ، ڪا به سوچ ، ڪو به منظر يا واقعو ’تنها ‘ ۾ اظهار پائي سگهي ٿو . ’تنها ‘ هڪ جهٽڪي سان ورتل فوٽو گراف آهي . ’تنها ‘ ڏسڻ ۾ اڌ دوهي ، اڌ سورٺي ڇنڊ يا ٻه سٽي بيت جي اڌ جيترو يعني هڪ سٽو شعر آهي . دوهي يا سورٺيءَ جي هر سٽ 24 ماترائن تي مشتمل آهي . دوهي جي هر هڪ سٽ جي پهرئين پد ۾ 13 ماترائون هونديون آهن ۽ ٻئي پد ۾ 11 ماترائون ۽ هر پد جي وچ ۾ ’دم ‘ ( ، ) ....وڌيڪ پڙهو