سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
الله ورايو ’محمدي‘ ڏيپلائي: ڊاڪٽر الله ورايو محمدي، 30 ڊسمبر 1930ع تي ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو. ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس ڪرڻ کانپوءِ ريڊيالاجيءَ ۾ اعليٰ تعليم برطانيا مان حاصل ڪئي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ ريڊيالاجسٽ جي عهدي تي فائز ٿيو. 2000ع کان 2006ع تائين اسريٰ يونيورسٽي، حيدرآباد ۾ پروفيسر ۽ هيڊ آف ريڊيالاجي ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو. 2005ع ۾ ريڊيالاجيڪل سوسائٽي آف پاڪستان طرفان، وٽس 3000 نـايـاب ٽـيـچـنـگ ۽ ڊائـگـنـاسـٽـڪ ايـڪـسـري ڪـلـيـڪـشـن هـئـڻ ڪـري لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ حاصل ڪيو. 2007ع ۾ Star Millennium گولڊ ميڊل مليس. سماجي خدمت جي شعبي ۾ هي پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيش حيدرآباد، سنڌ چئپٽر جو صدر (1980ع)، پئٽرن پيشنٽس ويلفيئر آرگنائيزيشن (ايل. ايم. سي: 1985ع)، چيئرمئن هيلٿ ڪميٽي سنڌ گرئجيوئيٽس ايسوسيئيشن (1985ع)، سينيئر وائيس پريزيڊنٽ ڳوٺ سڌار سنگت (1985ع)، ميمبر پلاننگ ڪميشن آف پاڪستان (سوشل ويلفيئر ونگ: 1990ع)، ميمبر سنڌ ويلفيئر ڪائونسل (1980- 1992ع)، ميمبر سنڌ پراونشل ڪائونسل فار ڊس ائبلڊ (1993ع کان 2021ع تائين)، صدر سنڌ ميمڻ جماعت (1985ع کان 2021ع تائين)....وڌيڪ پڙهو