سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
رتڙي شاهه بخاريءَ جي مزار (ماڳ): هيءَ مزار ڳوٺ رانجهي ڀُٽي، ديهه حسين ڀُٽي، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپورميرس ۾ آهي. رتڙي شاهه جي زندگيءَ بابت ڪا به خبر نه ٿي پوي. سندس مزار به ڪا ايڏي پراڻي نه آهي. پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان اوساريل هيءَ مزار چورس رٿيل آهي. ان جي مهاڙي به سادي سودي آهي. وچ ۾ دروازو ڏنل آهي، جيڪو لوهه جو آهي. صرف چوڪاٺ، ڪاٺ جو اٿس، جيڪو قديم لڳي ٿو. مقبري تي ڪا به نيل وغيره نه آهي. هن مقبري جو گنبذ پنهنجي نوعيت ۾ خاص لڳي ٿو. ڀتين کي جوڙ ڪنڊون ڏئي، ڪمري کي اٺڪنڊو ڪري گنبذ ٺاهڻ کان اڳ ڳچ (Drum) ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي مٿان انگريزي ابتي ٽوپلي وانگر گنبذ ٺهيل آهي. مٿي چوٽيءَ تي سنهي نيل لڳل آهي. گنبذ جو رنگ سائو آهي. مزار جون ڀتيون بلڪل ساديون آهن. اندر وچ تي رتڙي شاهه جي اڪيلي مزار آهي، جنهن تي مولهه ۽ پڙ پيل آهن. ننڍي قبر ٽه طبقائين آهي. فرش پڪو ٻَڌل اٿس. مزار جي چوڌاري وڏو قبرستان آهي، جيڪو هاڻي به استعمال هيٺ آهي. مزار اوڻويهين صدي عيسويءَ جي لڳي ٿي.....وڌيڪ پڙهو