تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** دستڪاري **

دستڪاري: دستڪاري لفظ جي لغوي معنيٰ آهي: هٿ جو ڪم يا هٿ جو هنر. سنڌ اندر دستڪاريءَ جو ڪم تمام پراڻو رهيو آهي. قديم زماني کان سنڌ جا ڪاريگر، سونارا، ڪنڀر، ڪوري، واڍا (ڊکڻ/ سوٽهڙ)، دستڪاريءَ جو ڪم ڪندا اچن ٿا. ٺِڪر جي ڪم جي تاريخ سنڌ ۾ 3500 ق. م کان ملي ٿي. ان کان اڳ پٿر جي زماني ۾ هتي ماڻهو پٿرن کي گهڙي ان مان مختلف اوزار ٺاهيندا هئا. ان سلسلي ۾ ڪي شهر تمام گهڻو مشهور آهن، جيئن ٺٽي ۾ ڪورين جا هزارن جي تعداد ۾ آڏاڻا هئا، جن تي ڪپڙو اُڻيو ويندو هو. سنڌو تهذيب جي کوٽايل ماڳن مان ڪيترن زيورن جا نمونا مليا آهن. خاص طور تي مڻين ۽ چوڙن جا ٽڪرا مليا آهن، جيڪي ٻُڌائين ٿا ته هتي عاج ۽ پٿر کي لسائي ڌاتن مان زيور ٺاهيا ويندا هئا. مشنري اپت کان پوءِ هنر جا ڪيترا نمونا تبديل ٿيا آهن، پوءِ به هالا شهر جي دستڪاري نهايت اهم آهي. هن شهر جون مختلف نمونن جون ڪاشيءَ جون سرون، ٽي سيٽ، ڪونڊيون، گلدان، مرتبان ۽ صراحيون نه صرف سنڌ ۾، پر سڄيءَ دنيا ۾ مشهور آهن. جنڊيءَ جو ڪم به سنڌ ۾ بهترين ٿئي ٿو، جنهن ۾ کٽون، پلنگ، ٻارن جا رانديڪا، دٻليون، ڪرسيون، ٽپايون، اڳٺ وجھڻيون ۽ سٺي قسم جو فرنيچر ۽ ٻيو سينگار جو سامان ڏسڻ....وڌيڪ پڙهو