تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-05-29 عيسوي تاريخ ۾


1880.05.29ع :  نامور تعليمي ماهر خانبهادر غلام علي نانا ولد خانبهادر نورالدين، 29 جون 1880ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1884.05.29ع :   سر بارٽل فريئر 29 مئي 1884ع تي”سري“ جي”ومبلڊن“ شهر ۾ وفات ڪئي.سندس نالي پٺيان ڪراچيءَ ۾ ”فريئرهال“ ... وڌيڪ پڙهو 1912.05.29ع :  ناليوارو استاد ۽ عالم سيد حاجي علي شاهه، 29 مئي 1912ع تي هنڱوري، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ فضل شاهه... وڌيڪ پڙهو 1931.05.29ع :  حافظ علي محمد آخوند، 29 مئي 1931ع تي وفات ڪئي. کيس هالا ۾ دفن ڪيو ويو.... وڌيڪ پڙهو 1938.05.29ع :  ٽي. وي ۽ فلم جو مشھوراداڪار شڪيل، 29 مئي 1938ع تي (گڏيل هندستان) ڀوپال ۾ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1947.05.29ع :  پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي اسٽيشن جو سينيئر پروڊيوسر ۽ منفرد ڪهاڻيڪار بادل جمالي، ڳوٺ شهزاد ج... وڌيڪ پڙهو 1953.05.29ع :  سر جان هنٽ کان پوءِ 29 مئي 1953ع تي ، نيوزيليئنڊ جي ايڊمنڊ هليري ۽ ٽينزنگ نارگي به هن چوٽيءَ کي پار... وڌيڪ پڙهو 1959.05.29ع :   آرٽس ڪائونسل پاڪستان، ڪراچي جو پھريون منتخب صدر محمد احمد شاهه 29 مئي 1959ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1970.05.29ع :  شاعره، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ سماجي ڪارڪن زاهده تاج 29 مئي 1970ع تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ۾ لاڙ... وڌيڪ پڙهو 1972.05.29ع :  هندستان ۾ رهندڙ برک سنڌي اديب ڊاڪٽر روشن جو مڪمل نالو ڊاڪٽر روشن لکميچند گولاڻي آهي. سندس جنم 29 مئي... وڌيڪ پڙهو 1976.05.29ع :   ناليوارو فنڪار خالد حسين ولد مٺو خان پتافي، 29 مئي 1976ع تي ڳوٺ ڌڻي بخش پتافي، تعلقي تلهار، ضلعي بد... وڌيڪ پڙهو 1982.05.29ع :  فاطمه ڀٽو 29 مئي ، 1982ع تي جنم ورتو ... وڌيڪ پڙهو 1987.05.29ع :  چرن سنگهه ’ڀارتيه لوڪ دل‘ جو صدر رهيو ۽ 29 مئي 1987ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.... وڌيڪ پڙهو 1988.05.29ع :   پر سگهو ئي 29 مئي 1988ع تي جنرل ضياءَ طرفان اسيمبليون ٽوڙڻ سبب سندس حڪومت ختم ٿي وئي ،... وڌيڪ پڙهو 1988.05.29ع :  بي اعتمادي جي بنياد تي 29 مئي 1988ع تي جنرل ضياءُ الحق اٺين ترميم تحت محمد خان جوڻيجي ۽ ان جي حڪومت ... وڌيڪ پڙهو 2008.05.29ع :  احسان عظيم صديقي 29 مئي 2008ع تي ڪوٽڙي ۾ وفات ڪئي، سندس تدفين ڪوٽڙي جي ٻڍل شاهه قبرستان ۾ ٿي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** اسد سڪندر ملڪ **

اسد سڪندر ملڪ: ملڪ اسد سڪندر ڪوهستان ۾ آباد مختلف قبيلن جو سردار ۽ تَر جي بااثر شخصيت آهي. ملڪ اسد 1968ع ۾ ڄائو. سندس والد ملڪ سڪندر خان به پنهنجي دور جو اهم سياستدان ۽ بااثر شخصيت هو، جيڪو هر ڀيري انهيءَ تڪ مان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندو رهيو. ملڪ اسد پنهنجي سياسي سفر جي شروعات 1985ع ۾ ڪئي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. هو ان کان پوءِ پنهنجي تڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ جڏهن به بيٺو ته ڪامياب ٿيو. هو محمد خان جوڻيجي صاحب جي حڪومت ۾ ٻيلي کاتي ۽ جهنگلي جيوت جو وزير رهيو. 1997ع جي چونڊن ۾ هو هڪ ئي وقت قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تان ڪامياب ٿيو. بعد ۾ هن قومي اسيمبليءَ جي سيٽ ڇڏي، جنهن تي سندس گروپ جو ئي پير بخش خاصخيلي ايم اين اي ٿيو. مشرف دور جي 2002ع وارين مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ضلعي ناظم دادو (ان وقت ڄامشورو دادو ضلعي ۾ شامل هو) ۽ 2005ع ۾ ضلعي ناظم ڄامشورو چونڊيو ويو هو. هو پنهنجي علائقي ۾ وڏو سياسي ۽ سماجي اثر رکندڙ شخصيت چيو وڃي ٿو.تاحال (2009ع) ضلعي ناظم هو. ....وڌيڪ پڙهو