سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
توري ديري (ماڳ): هي دڙو مشهور قديمي ماڳ دبر ڪوٽ جي اتر ۾ ضلع لورالائيءَ ۾ ٽن ايڪڙن جي ايراضي تي پکڙيل آهي. هي ماڳ دبرڪوٽ جي اتر ۾ ٻن ميلن جي فاصلي تي ضلع لورا لائيءَ ۾ آهي. هي دڙو 3 کان 4 فوٽ اوچو آهي. هتي هڪ اڏاوت جا نشان آهن. انهن جون چوٽيون ڊهي چڪيون آهن. هت اڏاوت جا ڪٿي ڪٿي بنياد به نظر اچن ٿا. اهي چورس رٿ جا آهن. پڪ سان دڙي جي وچ تي هئڻ سبب هي ٻڌ جو وهارو آهي، ڇو ته سوات ۽ پشاور ۾ به ان قسم جا آثار ٻڌي دور سان واسطو رکن ٿا. هتان ڪجهه لکتون به مليون آهن. هڪ حصي جي لکت خروشطي خط ۾ آهي، اهي لکتون سَر آرئل اسٽين جي چوڻ موجب ته ڪشان دور جون آهن. اهي پهرين صدي عيسويءَ کان ٽين صدي عيسويءَ جون چيون وڃن ٿيون. اها به هڪ حقيقت آهي ته 1800ق.م ۾ آريا نسل جا ماڻهو جڏهن اولهه ۽ ڏکڻ طرفن کان وچ ايشيا ۽ ايران کان ٿيندا، پشاور ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿيا هوندا ته سندن رستي ۾ تور ڍيري جو پوڻ لازمي آهي، ڇو ته هي ماڳ قنڌار ۽ سنڌ کي ملائيندڙ رستي تي آهي. انهن لکتن کي گوگ ڌارا ۽ هٿياڻو ڪنڊاڻو سان ڀيٽي سگهجي ٿو، جيڪي سوات ۽ مالاڪنڊ جا لکتن وارا ماڳ آهن. ان مان اهو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي لوڪ اولهه ....وڌيڪ پڙهو