سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
انڊيا آفيس لائبرري: هيءُ اڳوڻي برطانوي وزارت هند جو عظيم الشان ڪتب خانو آهي. هيءُ ڪتب خانو پهريائين ”وائيٽ هال“ ۾ هو، هاڻي لنڊن جي ”بلئڪ فريئر روڊ“ تي نئينءَ عمارت ۾ آهي. 1947ع ۾ هن ڪتب خاني جو نالو ”انڊيا آفيس لائبرري“ رکيو ويو، هاڻي ان جو نالو ٻيهر بدلائي ”برٽش لائبرري“ رکيو اٿن. هن ڪتب خاني جو بنياد 1798ع ۾ ”برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ رکيو ۽ اِن ۾ پهريون ذخيرو رابرٽ اوم (وفات 1801ع) جا خط بنيا، جيڪي هن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي نذر ڪيا هئا. پوءِ آهستي آهستي ذخيري ۾ واڌ ايندي وئي. ڪجهه ذخيرا ڪمپنيءَ جي ملازمن کان خريد ڪيا ويا ۽ ڪجهه ماڻهن تحفي طور نذر ڪيا. انهن مان هڪ وڏو ذخيرو هندستان جي گورنر لارڊ ولزلي (1797ع- 1805ع) جو آهي. هڪ ٻيو وڏو ذخيرو هينري ٽامس ڪولبروڪ کان مليو، جيڪو سنسڪرت جو وڏو عالم هو. هندستان جي سرويئر جنرل سرڪاف ميڪنز پڻ تامل ۽ ٻين زبانن جا قيمتي مسودا هن ڪتب خاني جي حوالي ڪيا. 1870ع ۾ آرٿرڪڪ، ويدن جي باري ۾ مسودا ڏنا. هن ڪتب خاني ۾ ٽيپو سلطان ۽ مغل شهنشاهن جي ڪتب خانن جا ڪتاب پڻ موجود آهن. ”انڊيا آفيس لائبرري“ لاءِ جنهن ماڻهوءَ سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪيو، اُهو سر چارلس ولڪنز هو، ....وڌيڪ پڙهو