تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** تونگ قبرستان **

تونگ قبرستان: هي قبرستان سورنهن کان ارڙهين صدي عيسوي جو چيو وڃي ٿو. هي ضلعي ڄامشوري جي تعلقي ٿاڻي بولاخان شهر جي اتر- اولھه ڪنڊ تي 73 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي. هن ماڳ تي پھچڻ لاءِ حيدرآباد کان ايندي سپر ھاءِ وي تي 51-50 ميل پٿر کان 70 ڪلو ميٽر، ڪراچي کان ايندي سپر ھاءِ وي جي ميل پٿر کان 81 کان 82 ميل جي فاصلي تي آهي. ھن قبرستان ۾ ٽي سؤ ٽيانوي چوڪنڊي نموني جون پٿر جون قبرون آھن، جن تي مختلف نموني جي اڪر ۽ لکتون وغيره آھن. قبرن جي مختلف ميڙن کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو. ڏکڻ کان اوڀر واري گروپ کي رانڪن وارو يا محمود جو قبرستان، ڄام لوھار جو قبرستان بونيشن وارو قبرستان. اتر ۽ اتر اوڀر واري قبرستان جو ڀاڱو ڪجھه وڌيڪ پراڻو آھي. جڏھن ته ڄام لوھا وارو حصو ڪجھه پوءِ جو لڳي ٿو. قبرستان 16 صدي عيسويءَ کان ارڙھين صدي عيسويءَ جو لڳي ٿو. قبرستان لوھاراڻين، ڇٽن، ڀٽن ۽ خاصخيلي قبيلي سان واسطو رکندڙ ماڻھن جو آهي. قبرستان جا ٻه وڏا گروپ لوھرين، جيڪي برفت آھن، سان واسطو رکن ٿا. ڄام لوھار برفتن جو وڏو ھو. سندس وفات کان پوءِ ڄام آري جي مٿان پڳ آئي. ملڪ سڪندرخان کان پوءِ ملڪ اسد سڪندرخان جي مٿان پ....وڌيڪ پڙهو