تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-06-02 عيسوي تاريخ ۾


1891.06.02ع :   پير محمد شاهه 2 جون 1891ع مطابق 22 شوال 1308 هجريءَ ۾ مٽياريءَ ۾ جنم ورتو... وڌيڪ پڙهو 1909.06.02ع :  پروفيسر عبدالعلي قلباڻي ولد فتح علي قلباڻي، 2 جون 1909ع تي روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1912.06.02ع :  ناليواري اديب ۽ سياسي اڳواڻ خالد سنڌيءَ جو پورو نالو خالد حسين ولد جان محمد ٻگهيو هو، هن جو جنم 2 جو... وڌيڪ پڙهو 1919.06.02ع :  خليفي محمد سجاول، 3 رمضان 1337هه مطابق 2 جون 1919ع تي وفات ڪئي... وڌيڪ پڙهو 1946.06.02ع :  خواجه صاحب 2 جون 1946ع تي وفات ڪئي... وڌيڪ پڙهو 1947.06.02ع :  ڊاڪٽر ۽ ليکڪ نظير احمد چارڻ، 2 جون 1947ع تي جوهي تعلقي جي ڳوٺ پنهور ٻٽڙا ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1952.06.02ع :  ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جي مشھور براڊ ڪاسٽر انور هڪڙي جو پورو نالو محمد انور ولد محمد عثمان هڪڙو آهي،... وڌيڪ پڙهو 1953.06.02ع :  تعليم ماهر ۽ ليکڪ، پونجراج مل ڪيسراڻي، 2 جون 1953ع تي سبو مل سوٽهڙ جي گهر، نيوڇور شهر، هاڻوڪي ضلعي ع... وڌيڪ پڙهو 1989.06.02ع :  طالب لوهار جو پورو نالو محمد طالب ولد محمد سومار لوهار هو. سندس جنم 1912ع ڌاري ڳوٺ اڊوڙي، تعلقي ٽنڊي... وڌيڪ پڙهو 1992.06.02ع :  اختر حسين رائيپوري: هن نامور شخصيت 2 جون 1992ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي . ... وڌيڪ پڙهو 2010.06.02ع :  اسحاق بلوچ 2 جون 2010ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 2017.06.02ع :  شريف الدين پيرزادي 2 جون 2017ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هجري تاريخ ۾


1304.09.27ھ: مخدوم صاحب جن 48 ، 49 سالن جي ڄمار ۾ 27 رمضان 1304هه/29 جون 1886ع ۾ وفات ڪئي ... وڌيڪ پڙهو 1364.09.27ھ: بچايو رند: بچايو فقير عرف الهه بچايو پٽ بنگل خان رند ، ڳوٺ اگهاماڻي ، تعلقي ماتلي ، تڏهوڪي ضلعي ... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** آتش فشان **

آتش فشان: ٻرندڙ جبل، جنهن جي اندران باهه جا اُلا ۽ وگهريل مادو (لاوا- Lava) زور سان ٻاهر اُڀامي ۽ آسپاس جي جهنگن ۽ آباديءَ کي ڀسم ڪري ڇڏي. آتش فشان کي انگريزي ۾Volcano چوندا آهن. پر اهو اطالوي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ باهه جو ديوتا آهي. جيئن ته زمين جي اندر گرم ۽ پٽڙو مادو موجود هوندو آهي، جيڪو وقت بوقت زمين مان ڦاٽي نڪرندو آهي، پر جڏهن ان گرم مادي تائين پاڻي پهچندو آهي ته اهو ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ٻاڦ ئي اها قوت آهي، جيڪا ٻين مادن ۽ گئس کي ٻاهر ڌڪيندي آهي، تنهنڪري جتان به کيس ٻاهر نڪرڻ لاءِ جاءِ ملندي آهي ته ڌماڪا ڪري پاڻ سان گڏ زمين اندر زهريلين گئسن، پٿرن، وگهريل لوهه ۽ گندرف به گڏ ڪڍندي آهي. اهڙي عمل بعد هو ٿڌو ٿي ڄمي ويندو آهي ۽ سالن جي وقفي بعد وري اهڙو عمل ٿيڻ ڪري جبل ٺهي پوندو آهي، جنهن جي مٿان هڪ چوٽي ٺهي ويندي آهي، جنهن کي انگريزي ۾ Carter چون ٿا. ان ئي ڍير يا جبل کي آتش فشان چئبو آهي. دنيا ۾ ڪجهه اهڙا به جبل ملن ٿا جيڪي هزارين سال اڳ ٻرندڙ جبل هئا، انهن کي هاڻي مرده آتش فشان (Extinct) چيو وڃي ٿو. جاپان جو فيوجي جبل به ڪنهن زماني ۾ آتش فشاني ڪندو هو. ڪجهه جبل ماٺيڻا هوند....وڌيڪ پڙهو