تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن **

پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن: پاڪستان انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن (PIDC) صنعتي ترقيءَ جي حوالي سان هڪڙو قومي ادارو آهي، جيڪو (شهيد) ذوالفقار علي ڀُٽي ان بنياد تي قائم ڪيو هو ته جيئن پاڪستان جي ڏورانهن ۽ پُٺتي پيل علائقن ۾ انهن صنعتن جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، جتي پاڻيءَ، بجليءَ، پڪن رستن ۽ زندگيءَ جي ٻين بنيادي سهولتن جو تصور ئي محال هو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ذوالفقار علي ڀُٽي جي سربراهيءَ ۾ خاص ڪري انهن علائقن جي عوام جي بهتريءَ لاءِ PIDC جي ذريعي منصوبه بندي ڪئي ۽ چئني صوبن جي پٺتي پيل ڏورانهن علائقن ۾، جتي ڪا پيداوار يا ڪچو مال دستياب هو، اُتي لاڳاپيل صنعتون قائم ڪيو ويون. ان رٿا هيٺ: پنجاب ۾: قائداعظم وولن ملز ۽ ٻيون صنعتون: سنڌ ۾: شهداد ڪوٽ ٽئڪسٽائل ملز، لاڙڪاڻو شگر مل ۽ ٻيون صنعتون. خيبر پختونخوا هه ۾: دير فاريسٽ انڊسٽريز ڪمپليڪس ۽ ٻيون صنعتون. بلوچستان ۾: ڪوئٽا ٽيڪسٽائل ملز، هرنائر وولن ملز، لسٻيلا ٽئڪسٽائل ملز (اوٿل) ۽ ٻيون صنعتون. ان سان انهن ڏتڙيل ۽ پُٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي روزگار فراهم ٿيو. علائقن ۾ پاڻي، بجلي ۽ پڪا رستا تعمير ٿيا، جن جي ڪري غريب عوام ک....وڌيڪ پڙهو