تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** شادي شهيد فقير **

شادي شهيد، فقير: شادي خان ولد محراب خان، رندن جي جاڙو زئي قبيلي سان واسطو رکي ٿو. سندس مورث اعليٰ بچل خان رند ٻين ٻروچن سان گڏجي ڪلهوڙن جي اوائلي دؤر ۾ سنڌ آيو هو ۽ اروڙ جي ڀرسان ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺو هو. بچل خان کانپوءِ برادريءَ جو پريو مڙس سندس فرزند قادر بخش خان ٿيو. قادر بخش خان کانپوءِ جمن خان سرداريءَ جي پڳ ٻڌي. جمن خان جي وفات کان پوءِ سندس پٽ محراب خان پنهنجي قبيلي جو چڱو مڙس ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي حڪومت ميرن جي قبضي ۾ آئي. مير سهراب خان، محراب خان کي ٻين ٻروچن وانگر پاڻ وٽ گهرائي، سندس عزت افزائي ڪئي ۽ گوندرڙي شهر جي ڀرسان ڪجهه زمين به ڏني. محراب خان مير صاحب وٽ تمام گهڻو ايندو ويندو هو. مير سهراب خان جي مصاحبن ۾ شريڪ ٿيڻ کانپوءِ شادي خان جي عزت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو، پر هو ڪڏهن به مير صاحب جي عزت افزائيءَ تي فخر نه ڪندو هو. وقت جا پير ۽ فقير، جيڪي به مير صاحب جي ڪچهريءَ ۾ ايندا هئا، اهي شادي خان جي راست گوئي ۽ منفرد طبيعت کان گهڻو متاثر ٿيندا هئا. انهن مان کهڙن جا مخدوم، نامور شاعرَ روحل فقير، مراد فقير، سچل سرمست ۽ ٻيا ڪيترا شادي خان جا دوست بڻجي ويا.

هڪ دفعي بهاولپو....وڌيڪ پڙهو