سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
اسد سڪندر ملڪ: ملڪ اسد سڪندر ڪوهستان ۾ آباد مختلف قبيلن جو سردار ۽ تَر جي بااثر شخصيت آهي. ملڪ اسد 1968ع ۾ ڄائو. سندس والد ملڪ سڪندر خان به پنهنجي دور جو اهم سياستدان ۽ بااثر شخصيت هو، جيڪو هر ڀيري انهيءَ تڪ مان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندو رهيو. ملڪ اسد پنهنجي سياسي سفر جي شروعات 1985ع ۾ ڪئي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. هو ان کان پوءِ پنهنجي تڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ جڏهن به بيٺو ته ڪامياب ٿيو. هو محمد خان جوڻيجي صاحب جي حڪومت ۾ ٻيلي کاتي ۽ جهنگلي جيوت جو وزير رهيو. 1997ع جي چونڊن ۾ هو هڪ ئي وقت قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تان ڪامياب ٿيو. بعد ۾ هن قومي اسيمبليءَ جي سيٽ ڇڏي، جنهن تي سندس گروپ جو ئي پير بخش خاصخيلي ايم اين اي ٿيو. مشرف دور جي 2002ع وارين مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ضلعي ناظم دادو (ان وقت ڄامشورو دادو ضلعي ۾ شامل هو) ۽ 2005ع ۾ ضلعي ناظم ڄامشورو چونڊيو ويو هو. هو پنهنجي علائقي ۾ وڏو سياسي ۽ سماجي اثر رکندڙ شخصيت چيو وڃي ٿو.تاحال (2009ع) ضلعي ناظم هو. ....وڌيڪ پڙهو