تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ميون تماچي اوريئڙي وارو **

ميون تماچي اوريئڙي وارو: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ جي خليفن مان، ميون تماچي نهڙيو اوريئڙي وارو به پنهنجي وقت جو ڀلوڙ شاعر هو. هي بزرگ اصل بلڙيءَ ۾ پنهنجي مرشد وٽ رهندو هو. اتان کيس حڪم ٿيو ته ”تون اوريئڙي ۾ وڃي رهه“،پر هن کي مرشد ڇڏڻ تي دل نٿي ٿي. جڏهن شاهه ڪريم بلڙيءَ واري مٿس گهڻو زور رکيو، تڏهن بلڙيءَ مان نڪري ولهاريءَ جي ڀرسان، پراڻ جي هڪ لئي تي چڙهي وڃي ويهي رهيو. منهن بلڙي شريف ڏانهن هئس. اتي سڄو سال مرشد سڳوري جي حب ۾ روئندو رهيو ۽ نيٺ روئي روئي اکيون وڃائي ويٺو. آخر مرشد کي مٿس مهر جي نظر ڪرڻي پئي ۽ هن قربائتي جوڳيءَ کي شاهه ڪريم پاڻ پنهنجن هٿن سان ڇڏي آيو ۽ الله تبارڪ و تعاليٰ کان دعا گهري کيس اکيون به وٺرائي ڏياريائين: موڪل گهرم منهنجا پرين، وٽان وڃ م تون، تنين سڀڪين سريو، جنين ڏٺو تون، ڀيڙو ڪري ڀون، پوءِ موڪل ٿئي منهنجا پرين. جن کي وڃڻو هوندو آهي، سي ويندا آهن، لفظن سان ڪو نه روڪبا آهن. شاهه ڪريم، مئين تماچيءَ کي اوريئڙي ۾ ڇڏي بلڙي شريف موٽي آيو. شاهه ڪريم جو فدائي اتي هنجون هاريندو هو، مرشد ساريندو، ڏينهن گذاريندو رهيو. اتي ئي وفات ڪيائين. جبل تي سندس قبر آهي، پاڻ ڪڇ ۾ ولي ....وڌيڪ پڙهو