سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
هجري تاريخ ۾
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
زرياب (موسيقار): نامور موسيقار زرياب (789-857ع) جو اصل نالو عبدالحسن علي ابن نفي هو. اميه عهد ۾ بغداد ۾ ڄائو. مورخن وٽ زرياب جي اصليت بابت اختلاف راءِ موجود آهي. ڪي چون ٿا ته هو ايراني هو، ڪي کيس ڪرد ته ڪي آفريڪي سمجهن ٿا ۽ ڪي کيس نسلاً سنڌي سڏين ٿا. ڪن جو چوڻ آهي ته هو 9 صدي هجريءَ ۾ آفريڪي غلام جي حيثيت سان بغداد ۾ هارون الرشيد جي درٻار ۾ پهتو.
لوئي پرونيڪلLouie Pronecal اسپين جو تاريخدان چوي ٿو ته زرياب هڪ ڏاهو، موسيقي، ۽ سماجي علمن جو ماهر هو، سندس موسيقيءَ ۽ ڏاهپ جو اثر سموري اسپين تي پيو. جرمنيءَ جي تاريخدانن ٽائيٽس ۽ برفارت لکيو آهي ته زرياب ذهين ۽ عالم موسيقار هو، جنهن جو اثر نه رڳو اسپين تي رهيو، پر پوري مغربي دنيا سندس اثر هيٺ رهي.
زرياب ابراهيم موصلي ۽ سندس پٽ اسحاق موصليءَ جو شاگرد هو. مگر جڏهن سندس اثر بغداد جي درٻار ۾ وڌڻ لڳو ته سندس استاد اسحاق موصليءَ کي ڳالهه نه آئڙي، جنهن کيس ڪنهن نه ڪنهن نموني پريشان ڪرڻ شروع ڪيو ته جيئن هي بغداد ڇڏي وڃي پوءِ هو اسپين جي شهر ڪورڊوبا ۾ اچي رهڻ لڳو ۽ شاهي درٻار سان وابسته ٿي ويو. ان وقت عبدالرحمان ٻيو تخت نشين ه....وڌيڪ پڙهو