تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-05-21 عيسوي تاريخ ۾


1930.05.21ع :  1921ع ۾ کيس سٺي ڪارڪردگيءَ تي سرڪار طرفان خانصاحبيءَ جو لقب مليو، 1923ع ۾ کيس خانبهادريءَ جو لقب ملي... وڌيڪ پڙهو 1935.05.21ع :  حشمت پارواڻيءَ جو جنم، جهنڊي مري ضلعي سانگهڙ، سنڌ ۾ 21 مئي 1935ع تي ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1951.05.21ع :  هن تاريخ 18 شعبان سن 1370هه/ 21 مئي 1951ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1951.05.21ع :  ڊاڪٽر عابد مظهر جو جنم 21 مئي 1951ع تي ڳوٺ باجارا، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ ٿيو. ... وڌيڪ پڙهو 1954.05.21ع :   وڪرم شهاڻي 21 مئي 1954ع تي خيرپور ميرس سنڌ ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1970.05.21ع :  سنڌ ڌرتيءَ جي هن عظيم اڳواڻ ۽ انساني درد رکندڙ انسان، 21 مئي 1970ع تي لاڏاڻو ڪيو.... وڌيڪ پڙهو 1975.05.21ع :  ڊاڪٽر مير نور محمد 21 مئي 1975ع تي شهيد ڪيو ويو... وڌيڪ پڙهو 1998.05.21ع :   سندس انهن خدمتن جي عيوض سرڪار 21 مئي 1998ع تي ديوان ٽهلرام کيمچند کي سي. ايل. اي (C.L.E) جو خطاب ڏن... وڌيڪ پڙهو 2000.05.21ع :  چاڪر چانڊيو 21 مئي 2000ع تي لطيف سرڪار جي سالياني موقعي تي ثقافت کاتي طرفان ”لطيف اوارڊ“ سان نوازيو ... وڌيڪ پڙهو 2005.05.21ع :   مولوي شهاب الدين ڪٽوهر 21 مئي 2005ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** دولت علويه **

دولت علويه (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي سومرا حڪمران گهراڻي جي تاريخ تي علامه عبيدالله ’شائق‘ جو لکيل آهي. مصنف ڪتاب کي 118 موضوعن ۾ ورهايو آهي، جن ۾ قديم سنڌ، سومرن جو اصل نسل، مقداد جو سنڌ اچڻ، ڀونگر اول، دودو اول، نصرپور جي فتح، راڻي زينب، عمرڪوٽ جي فتح، غزنويءَ جي سنڌ تي ڪاهه، قباچه گهراڻي جي سنڌ تي ڪاهه، دودو چنيسر، ليلان چنيسر، مارئيءَ جو قصو، عمر ۽ گنگا جو قصو، راڻو مينڌرو، مينڌري جي معزولي، سمن جي قوم، سمن جي فتح ۽ سومرن جي هار، سومرن جا حڪمران ۽ ٻيا ڪيترا اهم موضوع شامل آهن. مولوي عبيدالله شائق ’گذارش‘ جي عنوان هيٺ پنهنجي ليک ۾ لکي ٿو ته، ”دولت علويه ڪتاب جي تصنيف ۾ مون هيٺين ڪتابن مان مدد ورتي آهي: فتح البلدان، تاريخ طبري، بلاذري، اسماء الرجال، فتح سنڌ، سفرنامه ابن بطوطه، مجمله التاريخ، لُب تاريخ سنڌ، تحفة الڪرام، تاريخ فرشته، تاريخ معصومي، تاريخ گلزار سنڌ، نسب نامه ڪلان، تاريخ طاهري، شجره آبائي ۽ ٻيا گهڻائي شامل آهن.“ سنڌ جي سومرا حڪمرانن تي لکيل هي تفصيلي ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ 1929ع ۾ شايع ٿيو، اهو ساڳيو ڪتاب گلشن پبليڪيشن، ٻيهر چار رنگي ٽائيٽل سان 2003ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڊيمي سائيز ....وڌيڪ پڙهو