تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-06-01 عيسوي تاريخ ۾


1925.06.01ع :  ضمير مرزا زرقي پهرين جون 1925ع تي دهلي (انڊيا) ۾ جنم ورتو. ... وڌيڪ پڙهو 1945.06.01ع :  شيام ساڌو رام آهوجا جو جنم پهرين جون 1945ع تي مدئجي شهر، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1954.06.01ع :   شمس الدين ولد غلام حيدر سومرو آهي. سندس جنم پهرين جون 1954ع تي، دادو شهر ۾ ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1958.06.01ع :  مشھور شاعر، ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر الاهي بخش ٻانڀڻ جو جنم پهرين جون 1958ع تي ڳوٺ نيروارو، تعلقي ٺري ميروا... وڌيڪ پڙهو 1959.06.01ع :  ناميارو اديب ۽ محقق محمد پنهل ڏهر، پهرين جون 1959ع تي ڳوٺ غلام علي ڏهر، تعلقي ڏهرڪي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾... وڌيڪ پڙهو 1960.06.01ع :  نامور ليکڪ ۽ محقق مراد علي ولد محمد حيات راهمون، 1 جون 1960ع ۾ ڳوٺ ڪيرلي، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. ... وڌيڪ پڙهو 1960.06.01ع :  محقق، نقاد ۽ نثر نويس ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ پهرين جون 1960ع تي ڳوٺ پهاڙ مري، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلع... وڌيڪ پڙهو 1966.06.01ع :   مشهور محقق ۽ شاعر عثمان ولد احمد راهوڪڙو 01 جون 1966ع تي ڳوٺ متو راهوڪڙو، ضلعي بدين ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1968.06.01ع :  ممتاز بخاري پهرين جون 1968ع تي گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ جهانپور شريف ۾ جنم ورتو ... وڌيڪ پڙهو 1978.06.01ع :  امر کھاوڙ جو اصل نالو غلام رسول ولد محمد ٻڍل کهاوڙ آهي. هن پھرين جون 1978ع تي ڳوٺ دين محمد کهاوڙ، تع... وڌيڪ پڙهو 1982.06.01ع :  چوڌري فضل الاهي پهرين جون 1982ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1983.06.01ع :   نوجوان شاعر ۽ نثرنويس شيخ ارشاد، پهرين جون 1983ع تي سکر شهر ۾ رحيم بخش شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1987.06.01ع :  نامور عالم ۽ شاعر، علامه عبدالغني ولد ميان محمد بخش سيال، 1917ع ڌاري ڳوٺ لڪ سيال تعلقي ميرو خان، ضلع... وڌيڪ پڙهو 1996.06.01ع :  محمد عتيق رخمان گل هڪ جون 1996ع تي وفات ڪيائين.... وڌيڪ پڙهو 1999.06.01ع :   مشهـور شـاعـر، اديب ۽ محقق عبدالله ورياهه، 1950ع ۾ ٽنڊي آدم جي جمن شاهه پاڙي ۾ تاج محمد ورياهه جي گ... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** توري ديري **

توري ديري (ماڳ): هي دڙو مشهور قديمي ماڳ دبر ڪوٽ جي اتر ۾ ضلع لورالائيءَ ۾ ٽن ايڪڙن جي ايراضي تي پکڙيل آهي. هي ماڳ دبرڪوٽ جي اتر ۾ ٻن ميلن جي فاصلي تي ضلع لورا لائيءَ ۾ آهي. هي دڙو 3 کان 4 فوٽ اوچو آهي. هتي هڪ اڏاوت جا نشان آهن. انهن جون چوٽيون ڊهي چڪيون آهن. هت اڏاوت جا ڪٿي ڪٿي بنياد به نظر اچن ٿا. اهي چورس رٿ جا آهن. پڪ سان دڙي جي وچ تي هئڻ سبب هي ٻڌ جو وهارو آهي، ڇو ته سوات ۽ پشاور ۾ به ان قسم جا آثار ٻڌي دور سان واسطو رکن ٿا. هتان ڪجهه لکتون به مليون آهن. هڪ حصي جي لکت خروشطي خط ۾ آهي، اهي لکتون سَر آرئل اسٽين جي چوڻ موجب ته ڪشان دور جون آهن. اهي پهرين صدي عيسويءَ کان ٽين صدي عيسويءَ جون چيون وڃن ٿيون. اها به هڪ حقيقت آهي ته 1800ق.م ۾ آريا نسل جا ماڻهو جڏهن اولهه ۽ ڏکڻ طرفن کان وچ ايشيا ۽ ايران کان ٿيندا، پشاور ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿيا هوندا ته سندن رستي ۾ تور ڍيري جو پوڻ لازمي آهي، ڇو ته هي ماڳ قنڌار ۽ سنڌ کي ملائيندڙ رستي تي آهي. انهن لکتن کي گوگ ڌارا ۽ هٿياڻو ڪنڊاڻو سان ڀيٽي سگهجي ٿو، جيڪي سوات ۽ مالاڪنڊ جا لکتن وارا ماڳ آهن. ان مان اهو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي لوڪ اولهه ....وڌيڪ پڙهو