تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-06-10 عيسوي تاريخ ۾


1894.06.10ع :  ابو شوڪت حمزي 10جون 1894ع تي جنم ورتو ... وڌيڪ پڙهو 1900.06.10ع :  مولانا عبدالرحمان 11 صفر 1348هه/ 10 جون 1900ع تي وفات ڪئي... وڌيڪ پڙهو 1914.06.10ع :   محمد عمر ٿهيم سمسمو 10 جون 1914ع تي جاتي شهر ۾ ڄائو... وڌيڪ پڙهو 1916.06.10ع :  شهباز علي ملازم سروري ولد عبدالڪريم خاصخيليءَ 10 جون 1916ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾... وڌيڪ پڙهو 1919.06.10ع :  سماجي ڪارڪن حاجي محمد صادق ميمڻ، 10 جون 1919ع تي نصرپور، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1925.06.10ع :  علي محمد ’خالدي‘ ولد نهال خان لاشاري10 جون 1925ع تي ٺٽي ۾ جنم ورتو. ... وڌيڪ پڙهو 1932.06.10ع :  مشهور شاعر خادم رفيقي مهيسر، 10 جون 1932ع تي ڳوٺ رفيق مهيسر، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو. ... وڌيڪ پڙهو 1944.06.10ع :   شاعر، ڪھاڻيڪار، مضمون نويس ۽ مترجم کيمن يو مولاڻيءَ جو جنم 10 جون 1944ع تي ڳوٺ درس، تعلقي موري ۾ شر... وڌيڪ پڙهو 1948.06.10ع :  ناميارو ليکڪ، شاعر ۽ چترڪار هارون چنو ولد محمد لائق، 10 جون 1948ع تي رستم، ضلعي شڪارپور لڳ ڳوٺ ٽنڊي ... وڌيڪ پڙهو 1953.06.10ع :  مشھورڪھاڻيڪار ۽ نثر نويس رسول بخش درس، 10 جون 1953ع تي جهمپير، ضلعي ٺٽي ۾ محمد اسماعيل درس جي گهر ۾ ... وڌيڪ پڙهو 1967.06.10ع :  فولاد فقير 102 سالن جي ڄمار ۾ 10 جون 1967ع تي وفات ڪري ويو.... وڌيڪ پڙهو 1996.06.10ع :  سندس تصويرن جون نمائشون نئشنل ڪائونسل آف آرٽس پاران 10 جون 1996ع ۽ 3 سيپٽمبر 1996ع تي لاهور ۽ ڪراچيء... وڌيڪ پڙهو 2008.06.10ع :  هن 10 جون 2008ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 2011.06.10ع :   ڊاڪٽر عبدالخالق راز 10 جون 2011ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ اباڻي ڳوٺ، ضلعي شڪارپور ۾ آھي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** رتڙي شاهه بخاريءَ جي مزار **

رتڙي شاهه بخاريءَ جي مزار (ماڳ): هيءَ مزار ڳوٺ رانجهي ڀُٽي، ديهه حسين ڀُٽي، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپورميرس ۾ آهي. رتڙي شاهه جي زندگيءَ بابت ڪا به خبر نه ٿي پوي. سندس مزار به ڪا ايڏي پراڻي نه آهي. پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان اوساريل هيءَ مزار چورس رٿيل آهي. ان جي مهاڙي به سادي سودي آهي. وچ ۾ دروازو ڏنل آهي، جيڪو لوهه جو آهي. صرف چوڪاٺ، ڪاٺ جو اٿس، جيڪو قديم لڳي ٿو. مقبري تي ڪا به نيل وغيره نه آهي. هن مقبري جو گنبذ پنهنجي نوعيت ۾ خاص لڳي ٿو. ڀتين کي جوڙ ڪنڊون ڏئي، ڪمري کي اٺڪنڊو ڪري گنبذ ٺاهڻ کان اڳ ڳچ (Drum) ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي مٿان انگريزي ابتي ٽوپلي وانگر گنبذ ٺهيل آهي. مٿي چوٽيءَ تي سنهي نيل لڳل آهي. گنبذ جو رنگ سائو آهي. مزار جون ڀتيون بلڪل ساديون آهن. اندر وچ تي رتڙي شاهه جي اڪيلي مزار آهي، جنهن تي مولهه ۽ پڙ پيل آهن. ننڍي قبر ٽه طبقائين آهي. فرش پڪو ٻَڌل اٿس. مزار جي چوڌاري وڏو قبرستان آهي، جيڪو هاڻي به استعمال هيٺ آهي. مزار اوڻويهين صدي عيسويءَ جي لڳي ٿي.....وڌيڪ پڙهو