تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-06-07 عيسوي تاريخ ۾


1823.06.07ع :  الهداد خان ” صوفي “ 7 جون 1823ع تي ڄائو ... وڌيڪ پڙهو 1899.06.07ع :  شاعر، اديب، سياسي، سماجي ورڪر ۽ صحافي شيخ ڌڻي بخش ’ناقص‘ ولد رئيس محمد انور 7 جون 1899ع تي ڳوٺ گاهي ... وڌيڪ پڙهو 1911.06.07ع :  دادا گرداس واڌواڻيءَ جو جنم، 7 جون 1911ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. ... وڌيڪ پڙهو 1938.06.07ع :  ٽيڪم مٺارام آسوداڻي 7 جون 1938ع تي ڳوٺ محبت ديرو جتوئي ، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو... وڌيڪ پڙهو 1939.06.07ع :  عبدالغفار صديقي، 7 جون 1939ع تي پاٽ شريف، ضلعي دادوءَ ۾ مخدوم نجم الدين صديقيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1962.06.07ع :  سپارڪو طرفان خلائي پروگرام جو آغاز 7 جون 1962ع تي ’رهبر اول‘ نالي راڪيٽ کي خلا ۾ ڇڏڻ ذريعي ڪيو ويو. ... وڌيڪ پڙهو 1966.06.07ع :  امين لغاري 7 جون 1966ع تي ڳوٺ جعفر خان لغاري ، تعلقي سنجهوري ، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو ... وڌيڪ پڙهو 1970.06.07ع :   اداڪار، هدايتڪار ۽ اسڪرپٽ رائيٽر، عزيز سانگيءَ جو اصل نالو وزير علي آهي. سندس جنم 7 جون 1970ع تي لا... وڌيڪ پڙهو 1990.06.07ع :  هن کي 7 جون 1990ع تي شهيد ڪيوويو.... وڌيڪ پڙهو 1998.06.07ع :  ممتاز علي ڀنڊ 7 جون 1998ع تي ٽنڊي الهيار لڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. ... وڌيڪ پڙهو 2012.06.07ع :  ڪاشف حسين سومري، 7 جون 2012ع تي دل جي دورو پوڻ سبب جوانيءَ ۾ وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 2017.06.07ع :  حسني قادري ،پير غلام شاهه جيلاني 7 جون 2017ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 2018.06.07ع :   رسول بخش پليجي 07 جون 2018ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** بلوچي ٻولي ۽ ادب **

بلوچي ٻولي ۽ ادب: بلوچي ٻولي دراصل هند- آريائي ٻولين جي شاخ طور شمار ڪئي ويندي آهي. ان حوالي سان قديم لکتن ۽ موجوده تحقيق مان اڃا تائين ڪا مستند ثابتي ملي نه سگهي آهي. ڪن ماهرن جو خيال آهي ته هي فارسيءَ جي بگڙيل صورت آهي. جڏهن ته ڪي ماهر بلوچي کي فارسي کان به آڳاٽي ٻولي قرار ڏين ٿا. هيروڊوٽس، اصطخري، شريف الادريسي ۽ مارڪوپولو سڌي اڻ سڌي طرح پنھنجين لکڻين ۾ بلوچيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. هٿ آيل پراڻن ڪتبن مان اندازو ٿئي ٿو ته بلوچي فارسي ٻولي جي ڀيٽ ۾، روسي ٻوليءَ جي وڌيڪ ويجهو آهي. اُچار جي اعتبار کان بلوچي ٻولي پراڻي پھلوي ٻوليءَ جي ويجهو آهي. لسانياتي ماهرن جي راءِ موجب ميدن يا ميدين، ميدن جي ٻولي هئي، جيڪا ايران جي قديم ٻولي ليکبي هئي ۽ ايران جي اتر اولھندي ٻولين جي شاخ سان ان جو تعلق هو. ايئن ئي آزري (Azari)، لڪي (Laki)، گوراني (Gorani)، گيلڪي (Gilaki)، مازندراني (Mazandrani)، ڪرمانجي (Karmanji)، سوراني (Sorani) ۽ بلوچي (Balochi) به ايران جي اتر اولھندي ٻولين جي خاندان سان تعلق رکن ٿيون. بلوچي ٻوليءَ جو سُميري، سامي، عربي، عيلامي، اڪادي ۽ سنسڪرت ٻولين سان گڏوگڏ گهڻين ٻولين سان واهپو نظر ....وڌيڪ پڙهو