انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا – اچو ته تعليم عام ڪيون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا خيرن سان سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کاه گهڻو وزٽ ڪيون ويندڙ ويب سائيٽن مان هڪ بڻي آهي، ان رستي ۽ منزل تي پهچڻ لاءِ ڪافي محنت ۽ ڪاوشون اسان سان گڏ رهيون، خاص ڪري سنڌي ڪمپيوٽنگ تي ڪم ڪندڙ ساٿين جا ٿورائتا رهندا سين جن ڪمپيوٽر ذريعي تعليم ۽ سنڌي ٻوليءَ کي عام ماڻهوءَ تائين پهچايو، اسان جي انسائيڪلوپيڊيا جي ٽيم جو ٽارگيٽ آهي ته تقريباً 15 جلدن جو سيٽ ڇپائبو، پڙهندڙ ساٿين کي پن گذارش آهي ته پنهنجي پسنديده موضوع تي ڪي بورڊ ذريعي ڪا معلومات پنهنجي نئين نسل يا همعصرن تائين پهچائڻ لاءِ هي کليل پليٽ فارم به استعمال ڪن.

هيٺ ڪجهه بنيادي ڳالهيون جيڪي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ويب سائيٽ جي بنيادي ايڪن منجهان آهن سي عرض ڪجن ٿيون.

1-     هن ويب سائيٽ کي مڪمل طور تي سولي تحقيق لاءِ ۽ عام فهم تعليمي بڻايو ويو آهي.

2-     معلومات کي وڌ کان وڌ هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو آهي ته جيئن ڪوبه محقق ڪنهن به موضوع تي تحقيق ڪري ته ان کي وڌ کان وڌ معلومات آسان طريقن سان ميسر ٿي سگهي.

3-     سنڌ توڙي پاڪستان ۾ تعليمي شرح کي وڌائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ بي حد ضروري آهي، ته جيئن اسان دنيا جي ٻين سماجن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلون، سرڪار ان سلسلي ۾ پنهنجي طريقي سان ڪم ڪري پئي، پر خانگي ادارا توڙي فرد پڻ معلومات/علم جي ڏي وٺ (ڪمپيوٽر تي پڻ) کي وڌ کان وڌ استعمال ڪن، اهڙا عمل به اسان کي ان قابل بڻائي سگهن ٿا.

4-     اسان جي اها به هڪ سماجي سڃاڻپ آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ بابت تمام گهٽ معلومات رکندا ۽ ونڊيندا آهيون، پڙهندڙ دوستن مان جنهن وٽ به ڪا خاص معلومات هجي ته هو انٽرنيٽ تي ونڊي، ڪتابن ۾ لکي، يا اسان جي سماج ۾ پوئتي پيل ايڪن تائين اها ڳالهه پهڇائي.

ان سلسلي ۾ اسان جو ادارو پنهنجي سماجي شعوري حيثيت آهر ڪم ڪري رهيو آهي، اوهان پنهنجي معلومات انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ پڻ شايع ڪرائي سگهو ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته ڪابه معلومات ڏيڻ سان گڏ ان جو ذريعو (ماخذ) ضرور ڄاڻايو وڃي، اهڙن حوالن کان سواءِ ڪابه معلومات شايع نه ڪئي ويندي، اسان جو مقصد آهي ته اسان پاڪستان جي تعليمي ادارن کي مڪمل طور تي عوامي ادارا بڻايون، ان سلسلي ۾ اوهان اسان جو ساٿ ڏيو.

پنهنجن قيمتي راين کان آگاهه ڪريو

رابطو ڪرڻ لاءِ http://www.encyclopediasindhiana.org/contactus.php

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ معلومات موڪلڻ لاءِ

http://www.encyclopediasindhiana.org/userentry.php تي ڪلڪ ڪريو.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ٽيم

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جا ڇهه جلد

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا  (جلد 1)

سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي پهرين جامع انسائيڪلوپيڊيا، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‏“ جو پهريون جلد” الف ب ٻ“ اکرن جي اٽڪل3500 داخلائن تي مشتمل ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن جلد ۾ %80 سنڌ سان لاڳاپيل مواد آهي، جهڙوڪ: شخصيتون، ماڳ مڪان، ڍنڍون ڍورا، واهه ،وهڪرا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا ، آبي ۽ زميني پکي ۽ حياتيات، تهذيب، ثقافت، ٻولي، رسالا، ڪتاب، اخبارون، صحافي،اديب،شاعر،عالم، علمي ادبي ادارا، ريتون رسمون ، هنر، ڳوٺ، ديهون ، قومون، قبيلا، ذاتيون، مذهب ، فرقا، راڳ، ناچ، موسيقي، خانقاهون، درگاهون، قبرستان، ميلا ملاکڙا، سياسي شخصيتون وغيره ۽ %20 دنيا سان لاڳاپيل ڪائناتي، سائنسي ايجادن ۽ ٻين موضوعن تي مواد شامل آهي.650 صفحن تي مشتمل هي اهم دستاويز 100 گرام آرٽ پيپر تي چئن رنگن ۾ ڇپايو ويوآهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ هيءَ پهرين رنگين تصويرن سان آرٽ پيپر تي ڇپيل انسائيڪلوپيڊيا آهي. ڪتاب جون 2000 ڪاپيون ڇپايون ويون آهن مختلف ادارن ۽ علم دوست ماڻهن کي جلد آرڊر بڪ ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي.

هن انسائيڪلوپيڊيا جي چيف ايڊيٽر ۽ نگران ڊاڪٽر فهميده حسين آهي.

قيمت 750 رپيا


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد ٻيون)

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ٻيو جلد پڻ 2010ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو ڇهن اکرن (ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ ۽ ث جي 2571 داخلائن تي ٻڌل آهي)، هن جلد ۾ ضميمي طور 323 داخلائون پهرئين جلد جون پڻ رکيون ويون آهن. هن جلد جا 728 صفحا آهن.

قيمت 1000 رپيا


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد ٽيون)

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ٽيون جلد سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران تازو 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جيڪو 2533 داخلائن ۽ ٻن اکرن (پ، ج) تي ٻڌل آهي. هن جلد ۾ ڪل 700 صفحا آهن، هن جي چيف ايڊيٽر اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين آهي.

قيمت 1400 رپيا


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد : چوٿون

جلد چوٿون هن جلد ۾ به تاريخ، ادب، سائنس ۽ ڪائناتي موضوعن تي 2033 داخلائون، تصويرن سميت شامل آهن. 608 صفحن تي مشتمل جلد چوٿون ستن اکرن (ڄ، جهه، ڃ، چ، ڇ، ح ۽ خ) تي مشتمل آهي، جيڪو جنوري 2012ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. Rs: 1500


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون

جلد پنجون هي جلد 616 صفحن ۽ 1930 مختلف داخلائن تي مشتمل آهي. جلد پنجين ۾ ڇهن اکرن (د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ ۽ ذ) جون داخلائون ۽ آخر ۾ الف کان ج اکرن تائين اضافي داخلائون پڻ ضميمي جي صورت ۾ ڏنل آهن. هي جلد سيپٽمبر 2012ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
Rs: 1600


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ڇهون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ڇهون جلد ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي، هن جلد ۾ ر، ڙ، ز اکرن جون داخلائون ۽ آخر ۾ الف کان خ اکرن جون اضافي داخلائون پڻ شامل ڪيون ويون آهن. هي جلد فبروري 2013ع ۾ پڌرو ڪيو ويندو.

 

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جا ڇهه جلد  مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن، گڏو گڏ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ويب سائيٽ
www.encyclopediasindhiana.org

پڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران شايع ڪئي وئي آهي، علم دوست ماڻهن کي دعوت آهي ته هن پراجيڪٽ جي باري ۾ پنهنجي قيمتي راين کان اسان کي آگاهه ڪندا رهن ته جيئن اسان جي ٽيم ان ڏس ۾ جوڳا اپاءَ وٺي هن پراجيڪٽ ۾ بهتريون آڻيندي رهي .

ٿورائتا

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ٽيم