ڏائي

ڏائي (راند): راند جو هڪ قسم، جيڪا پاڻيءَ ۾ کيڏي ويندي آهي. هن راند ۾ ننڍا يا وڏا تارو ماڻهو راند ڪندا آهن. هيءَ راند گهڻو ڪري ڍنڍن ۽ ڪئنالن (وهندڙ پاڻيءَ) ۾ کيڏي ويندي آهي. هن راند کيڏڻ جو طريقو هيءُ آهي ته جيڪو آڳ ڏيندو، سو ٻين کان ڪجهه ڇڊو ٿي ٽُٻي ڏيڻ مهل ٻه آڱريون هٿ مٿي ڪري ڏيکاريندو، جنهن کي ’ڏائي‘ چوندا آهن. پوءِ اهو تري ٻين کي وٺڻ يا هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جنهن ۾ بنا ٽٻي هڻڻ جي به تري يا ننڍي پاڻي هجڻ جي صورت ۾ پيرن سان هلي به وٺجي ٿو. انهيءَ وچ ۾ جيڪڏهن ڪو ڀڄڻ وارو سُڪيءَ تي نڪتو ته اهو به کاتو. پوءِ جيڪو اڳ ۾ کاتو اهو ۽ آڳ ڏيڻ وارو گڏجي ٻين کي پڪڙيندا، تان جو وڃي هڪ بچندو، جيڪو ٻيءَ راند لاءِ آڳ ڏيندو. اهڙيءَ ريت راند ٿيندي رهندي، جيستائين ٿڪجن نه ٿا.


لفظ ڏائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو