ڍمڪو

ڍمڪو

ڍمڪو

ڍمڪو (ساز): ڍمڪو ساز، تال لاءِ سنڌ ۽ پنجاب جي ڪن علائقن ۾ وڄايو وڃي ٿو. هيءَ بالٽيءَ جي شڪل جي چوبي خول وانگر ٿئي ٿو. هيٺ سوڙهو ۽ مٿي ويڪرو، ماريل کل سان ويڙهيل هوندو آهي. هن ۾ ڪاٺيءَ جو هڪ گڏڙو ڏور سان ٻڌل هوندو آهي. ڏور خول مان لنگهندي تري مان نڪري ٻاهر پئي لڙڪندي آهي، ان ۾ ڪاٺي جي هڪ ڏيڪي ٻڌل هوندي آهي. هن جو پڙو هٿ سان وڄائبو آهي. انهي وقت ڏور ٻئي هٿ سان ڇڪبي آهي. اهڙي نموني هڪ عجيب قسم جي گونج ۽ مينڍ پيدا ٿئي ٿي. ساڳيءَ ريت جو هڪ ساز تنبي مان به بڻائين ٿا، جنهن کي ’تونبا‘ چون ٿا، ان کان سواءِ پڪل مٽيءَ يا ٺڪر جي بنا تري واري گهگهي مان به اهو خول ٺاهيندا آهن، جنهن کي تنڪناري چوندا آهن.


لفظ ڍمڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو