ڌاني

ڌاني

ڌاني

ڌاني (ماڳ: Dhani): هندستان جي هريانه صوبي جي ضلعي جند جي ڳوٺ ڌانيءَ ۾ هي ماڳ "27.2'17O29 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ "24.5'16O76 ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي جند شهر کان 4 ڪلوميٽر اولهه ۾ ڌاني نالي ڳوٺ کان 400 ميٽر اتر- اوڀر ڪنڊ تي موجود آهي. دڙو ٻن هيڪٽرن تي پکڙيل آهي، جڏهن ته دڙي جي اوچائي ڏيڍ ميٽر آهي. ماڳ تان اڳ- هڙپائي (Pre-Harappan)، سنڌو تهذيب جي اوج واري دور (Mature Harappan) ۽ پوسٽ هڙپائي دور (Past-Harappan) سان واسطو رکندڙ وٿون مليون آهن. اڳ هڙپائي دؤر جا جهيريل (Incised) ۽ اجاريل (Burnished) ٺڪر، اوائلي سنڌو تهذيب جون ٿالهيون (جن تي چٽ چٽيل آهن) ۽ ڪي پيالا، جن تي ڪو به چٽ نه آهي ۽ ڪن تي ٻرنگا چٽ چٽيل آهن. اهڙي نموني سنڌو تهذيب جي اوج (Mature) واري دور جا ٿانو، جن ۾ سوراخن واريون دکيون ۽ ننڍڙا ٿانو ۽ تاريخي دؤر جا ٿانو ٿپا به مليا آهن.
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هي ماڳ چار هزار ق. م کان اڳ آباد ٿيو ۽ تاريخي دؤر ۾ آباد رهيو ۽ پوءِ اجڙي ويو. هتان ملندڙ وٿن ۾ ٺڪراٺو، پاساڙا، ڏاند گاڏيءَ جا هَب، ڏاند گاڏيءَ جا رانديڪا، ٺڪر مان ٺهيل ڏاند جي مورتي، ٺڪر جون ٽڪنڊيون ٽڪيون ۽ چوڙيون ۽ ٻيون شيون شامل آهن.


لفظ ڌانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو