ڊگھه

ڊگھه (ديهه): هيءَ ديهه تپي ملير، تعلقي ڪراچيءَ ۾ ملير نئن جي ڪپ تي آهي. هيءَ ديهه هن وقت فيصل ٽائون ۾ اچي ٿي. هن ديهه تي نالو ملير نئين جي ڪپ تي مٽيءَ جي ڊگھن (ڍيرن) ڪري پيو. ملير نئن تي ٺهيل ريلوي جي پُل کان ناٿا خان پُل تائين جو علائقو هن ديهه ۾ اچي ٿو. ان ديهه ۾: صديق بلوچ، نورالدين بلوچ، بلباس بلوچ، داد رحيم جدگال، جمع بلوچ، غلام محمد بلوچ نالي ڳوٺ آباد آهن. هن ديهه ۾ ملير ريلوي اسٽيشن، جامعه ملير لڳ تاريخي قبرستان، ملير هالٽ ريلوي اسٽيشن، بابا ولايت شاهه جي درگاهه جا هنڌ وغيره اچي وڃن ٿا. ملير جي هن علائقي کي ’گروڪل‘ جي نالي سان سڏيندا هئا. ورهاڱي کان اڳ ۾ هتي هندن جي وڏي آبادي رهندڙ هئي، جيڪا 1947ع ۾ هندستان لڏي وئي ۽ انهن جون جايون ايندڙ مهاجرن والاريون. هتي هندن جو قائم ڪيل ’گوڪل داس‘ نالي اسڪول هو، جنهن جو نالو تبديل ڪري هينئر ’جامعه ملير اسڪول‘ رکيو ويو آهي.
ڊگهائي ڦاڪ: ڌرتيءَ تي اوڀر قطب کان اولهه قطب تائين پيل خيالي ليڪ، جا ڌرتيءَ کي پورا ٻه اڌ ڪري ٿي. يعني ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي، ان کي ڊگھائي ڦاڪ چئبو آهي. ڊگهائي ڦاڪون ڪل 360 آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو