ڊونڊو

ڊونڊو (ٻيڙيءَ جو قسم): ڪهل قبيلي جا ماڻهو کارن جي واپار لاءِ هڪ هلڪو بار کڻڻ جهڙو ۽ بتيلي جھڙو چؤڳنيو ٻيڙو ٺاهيندا هئا، جنهن تي وڍيل لڪڙ مان کارا ٺاهيا ويندا هئا ۽ هن ئي ٻيڙي تي کارا کڻي وڏن وڏن بندرن تي کپائيندا هئا. ملاح ڊونڊي تي درياهه جي گھنڊن ۾ ڪڇون، ڄرڪا، گندڻ، ٻٽا ۽ مُڪر ماريندا هئا. ڊونڊا، ڍنڍن ۾ به بيهاريا ويندا هئا، هنن ڊونڊن ۾ حلال جانورن جا هڏا ڀرائي، ملتان پهچايا ويندا هئا. اهڙيءَ ننڍي ٻيڙيءَ کي ڊونڊي چوندا آهن.


لفظ ڊونڊوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو