ڊانڊو

ڊانڊو (ديهه): هيءَ ديهه يونين ڪائونسل گھگھر، تپي درساڻي ڇني، بن قاسم ٽائون، تعلقي ڪراچيءَ ۾ واقع آهي. سمندري بابا جي مزار، پاڪ لينڊ سيمنٽ فيڪٽري، آرمي جو ٽريننگ سينٽر وغيره هن ديهه ۾ آباد آهن. هتي ٽڪرين ۽ جبلن ۾ ڦٽل غارون هيون، جن کي ڊانڊو چوندا هئا، جنهنڪري هن ديهه تي ڊانڊي نالو پيو. هيءَ ديهه سڪڻ نئن جي ڪنڌيءَ تي واقع آهي. هن جي اوڀر ۾ ٺٽي ضلعي جون سرحدون آهن. هتي اڪثر سالار جوکين جا ڳوٺ آباد هئا ۽ انهيءَ ذات وارن جون هتي زمينون هيون، جيڪي فوجين کي الاٽ ڪيون ويون آهن. هن ديهه جو سڪڻ نئن جي ساڄي ڪنڌيءَ وارو علائقو زرعي زمين تي مشتمل آهي، جتي زرعي فصل اپايا وڃن ٿا.


لفظ ڊانڊوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو