ڊامڻ

ڊامڻ (گاهه): ڊامڻ گاهه ڀرٽ جھڙو ٿيندو آهي، پر هن ۾ سخت ڪنڊن وارا ڀورا سنگ ٿيندا آهن. هيءُ گاهه گھڻو ڪري سمورا جانور شوق سان کائيندا آهن ۽ طاقت وارو چارو سمجھيو ويندو آهي. هي گاهه گهڻو ڪري ڀٽن تي وڏي جھوڙي جي صورت ۾ ٿيندو آهي. هن گاهه کي پچڻ کانپوءِ ڪٽي جمع ڪري ضرورت وقت استعمال ڪري سگھجي ٿو.


لفظ ڊامڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو