ڇپنو

ڇپنو: وڪرمي سنبت 1956/ 1899ع ڌاري آيل ڀيانڪ ڏُڪار کي سنڌ ۽ راجسٿان ۾ ’ڇپنو ڏڪار‘ چون ٿا، جنهن سال سنڌ جي ٿر ۽ راجسٿان جي ريگستاني علائقي ۾ پاڻيءَ ۽ برسات جي کوٽ سبب زبردست ڏڪار جي ڪري تمام گهڻو مال مئو هو ۽ ماڻهن نهايت ڪسمپرسيءَ ۽ بک وارين حالتن ۾ زندگي گذاري هئي.
ڇپني ڏُڪار بابت هڪ ڪهاوت مشهور آهي ته:
گهر گهر ٻڪري، گهر گهر اونٽ،
ڇپنو ڦري گيو، چارئي کونٽ.


هن صفحي کي شيئر ڪريو