ڇَڇُوندر

ڇَڇُوندر: ڇڇوندر ڪوئن جو هڪ قسم آهي، جيڪو روشنيءَ ۾ انڌو هوندو آهي ۽ رات ۾ ڏسي سگهندو آهي. ڇڇوندر اڪثر اڇي يا ڀوري رنگ جا، عام ڪوئن کان ننڍا ٿين ٿا. ڪني پاڻيءَ جي هودين ۽ گٽرن ۾ رهي جيت جڻيا کائيندا آهن، هنن ڪوئن ۾ بدبوءِ تمام گهڻي ٿيندي آهي. ڇڇوندر جي بدبوءِ ڪري ٻلي به کائي نه سگهندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو