ڇوڏي

ڇوڏي

ڇوڏي

ڇوڏي: ڏاڙهونءَ جي وڻ جي ٻاهرين کل، جيڪا پسارڪي وکر طور ڪم ايندي آهي. حڪيم ٻين دوائن سان گڏ هن جي ڦڪي به ٺاهيندا آهن.
ٻٻر جي وڻ جي کل کي به ’ڇوڏي‘ يا ’ڇوڏو‘ چوندا آهن، جيڪا ڳاڙهي رنگ ٺاهڻ ۾ ڪم ايندي آهي. ڪپڙي رڱڻ ۾ به ڇوڏي ڪم ايندي آهي. حيدرآباد شهر ۾ قـائـم ڇـوٽـڪي گهـٽـي اصـــل ۾ ورهاڱي کان اڳ ’ڇوڏڪي گهٽي‘ سڏبي هئي، جتي ٻيلي مان آيل ڇوڏي جو وڪرو ٿيندو هو.


لفظ ڇوڏيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو