ڇنڇر

ڇنڇر: هفتي جي ستن ڏينهن مان هڪ ڏينهن جو نالو آهي، جيڪو جمعي ۽ آچر جي وچ ۾ ايندو آهي. ڇنڇر هڪ گرهه جو به نالو آهي، جنهن کي ’زحل‘ چيو وڃي ٿو، هن کي نحوست، نڀاڳ، ڪم بختيءَ جي علامت سمجهيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته: ”جمعو ته گهڻيئي ڀلو، پر ڇنڇر به ڇڏيس!“
عام ماڻهن جي وهمي سوچ مطابق هفتي جي ستن ڏينهن مان ڪي سڀاڳا ته ڪي نڀاڳا ڏينهن ٿين ٿا. ان ڏس ۾ سنڌ ۾ ڪجهه روايتون ۽ سنؤڻ مشهور آهن.


لفظ ڇنڇرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو