ڇاڇري

ڇاڇري

ڇاڇري

ڇاڇري (پکي): هن گروهه ۾ اهي پکي اچي وڃن ٿا، جيڪي پنهنجي کاڌ خوراڪ ۽ ٻين ضرورتن جي پورائي لاءِ پاڻيءَ تي مدار رکن ٿا. اهڙا پکي گپ چڪ ۽ ننڍي پاڻيءَ مان چهنب ذريعي چوڳ حاصل ڪندا آهن. پکين جي هن گروهه جون چهنبون ۽ ڄنگهون ڊگهيون ٿينديون آهن، جيڪي پکين جي ضروري ڪم ڪار ڪرڻ ۾ معاون ٿين ٿيون.
ڏيهي ڇاڇري پکي: ’سرمائي سانهه‘ (Grey Heron)، ’ڌنار ٻگهه‘ (Cattle Egret)، ’ڪنگ ٻگهو‘ (Egret)، ’ٻگهه، سانهه‘ (White Heron)، ’ڪانيرو‘ (Glossy Ibis)، ’واڱڻائي سانهه‘ (Purple Heron)، ’ڍنڍن واري سانهه‘ (Paddy/ Pond Heron)، ’ڪهنگ‘ (Purple Moorhen / Swamp Hen)، ’جهنگ ڪڪڙ / ڊبڊبو‘ (Kora/ Water Cock)، ’ٻلي پکي / بيضوڪا‘ (Pheasan/ Bailed Jacane)، ’ٽيٽيهر‘ (Red Watted Lapwing)، ’ڪوڪڙان‘ (Night Heron)، ’ڏوئڙ‘ (Spoon Bill)، ’نور دل‘ (Sun Bittern)، ’ننڍڙي ٻاراهي‘ (Little Bittern)، ’ڪارو ٻگهو‘ (Black Egret)، ’وڏي ٽٻڻي/ ڪنگري‘ (White Breasted King Fisher)، ’ننڍي ٽٻڻي/ لوٽڙي‘ (Threetoed King Fisher)، ’چٽوڙ ٽٻڻي/ ڪاري اڇي ٽٻڻي‘ (Pied King Fisher)، ’ٽيٽو‘ (Black Wing Stit).
پـرڏيـهـي ڇـاڇـري پـکـي (Migratory Waders): ’ڪلنگي واري ٽيٽيهر‘ (Crested Lapwing)، ’سائبيريائي ڪونج‘ (Siberian Crane)، ’ڪونج‘ (Crane)، ’ڍينگ‘ (Stork)، ’ميهر پکي‘ (Rail)، ’لاڏواڻي ٽيٽو‘ (Avoeet)، ’بوڻينڊو‘ (Curlew).


لفظ ڇاڇريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو