ڇاٻڙيا

ڇـاٻڙيا (ذات): ڇاٻڙيا هندن جي هڪ ذات آهي، جيڪي اوائل ۾ وکر کڻي ڳـوٺـن ۾ گـهـور ڪـندا هئا. سنڌ ۾ ڇـاٻـڙيـا ذات لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي هندستان جي راجسٿان واري علائقي کان آيا هئا ۽ واپار مان وڏا دولتمند ٿيا. سنڌ اندر ڇاٻڙين جا پاڙا منشاراماڻي، پارواڻي، عيدناڻي ۽ چندناڻي وغيره آهن. بهاري لال ڇاٻڙيا، مشهور سنڌي اديب آهي، جنهن کي گوبند مالهيءَ جي وقت ۾ (1947ع) شيخ اياز سان گڏ سنڌي ادبي سنگت جو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊو ويو هو.


لفظ ڇاٻڙياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو