ڇائرو

ڇائرو: ٻنڌڻي (تعلقي جوهي، ضلعي دادو) کان ڪجهه ميلن جي فاصلي تي ڏکڻ طرف ڇائري جي لانڍي آهي، جيڪا انگريزن جي اوائلي دور ۾ ٺهرائي وئي هئي، هن وقت کنڊرن جي حالت ۾ آهي. لانڍيءَ جي ڀرسان پاڻيءَ جي واهي وهي ٿي، جيڪا ڇائري جي چشمي مان نڪري ٿي. لانڍي جي ڏکڻ پاسي ڪي دڙا آهن، جن جي مٿاڇري تي پٿرن جا اوزار ۽ ٻٽي رنگ واريون ٺڪريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. کوٽائيءَ مان هٿ آيل ٺڪرين جو نمونو آمريءَ مان لڌل ٿانون جهڙو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو