چڪنو

چڪنو (گل): چڪنو هڪ قسم جو گل آهي. هي انب جهڙي هڪ وڏي وڻ جا گل ٿيندا آهن، جيڪي ڇڻڻ کان پوءِ ڊاک جھڙا ٿي پون ٿا. هنن مان شراب به ٺاهيو ويندو آهي. هي گل اڇا ٿيندا آهن ۽ وڻ جو ڦر هيڊو ٿيندو آهي. چڪني جي وڻ جو ذائقو وڻندڙ ٿئي ٿو. عام طور تازي ويم وارين زالن جي ٿڃ وڌائڻ، عام ڪمزوري هٽائڻ ۽ ضعف جي عارضي دوران ڪم اچن ٿا. هن جي ٻجن مان تيل نڪرندو آهي جيڪو صنعت جي ڪم اچي ٿو.


لفظ چڪنوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو