چِيلهه

چِيلهه: ضلعي عمرڪوٽ ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو آهي، جيڪو عمرڪوٽ- ڪنري روڊ تي اوڀر طرف آهي. عمر ڪوٽ کان 25 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. وڏو ڳوٺ روڊ کان هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي آهي. پر هن وقت روڊ تي ننڍڙو شهر به ٺهي ويو آهي. هي ڳوٺ ديهه چونڊا واءِ ۾ ٿر ۽ ناري جي ڪناري تي آباد آهي. هن ڳوٺ جي اهميت ان ڪري به وڌي وئي آهي، جو هيءُ ڳوٺ ٿر ۽ ناري وارن ڀاڱن کي ملائيندڙ ڳوٺ آهي. هي ڳوٺ اڄ کان ڏيڍ يا پوڻا ٻه سؤ سال اڳ آباد ٿيو هو. هن ڳوٺ جا موجوده رهاڪو اڳ اولهه طرف ڍوري جي الهندين ڪناري ڳوٺ ’چونڊاواءِ‘ ۾ رهندا هئا، پر سخت برسات سبب ريڻي آئي ۽ ماڻهو سر بچائي اچي هن ڏري تي ويٺا. ڳوٺ چيل ۾ بندرس (جيڪو رستي ڀرسان هاڻ ننڍڙو شهر آهي) جي آدم شماري 8000 جي لڳ ڀڳ آهي. ڍوري جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ انگريز سرڪار بند ٺهرايو هو، جنهن سان ڍوري جو پاڻي بند سان لڳي بيهندو هو. انهيءَ ڪري ئي هيءُ ’چِيلهه بند‘ سڏجي ٿو. هن ڳوٺ ۾ رهندڙن جي اڪثريت سنڌي ڳالهائيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو