چِيتو

چِيتو

چِيتو

چِيتو (Leopard/ Panthera pardus): هي جانور قديم سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ ٿيندو هو. هن وقت کيرٿر يا ڪارونجهر جبلن ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مس هوندو. چيتو، ايفرو ايشيائي چيتي (Cheetah/ Acinonyx jubatus) کان مختلف ٿيندو آهي. اصل ۾ چيتو، هنديءَ ۽ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ’چِتراڪا‘ تان ورتل آهي. هن کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ليئوپرڊ (Leopard) چوندا آهن. چيتو ڪلھن تائين 26 انچ اوچو ٿيندو آهي، جنهن جي جسم جي ڊيگھه 36 انچ ٿيندي آهي ۽ ان جو پُڇ 28 کان 38 انچ ڊگھو ٿيندو آهي. هن جي نَر جو وزن 70 کان 90 ڪلوگرام ھوندو آھي. چيتي جا اڳيان چنبا ڪافي مضبوط ھوندا آهن. چيتي جي جسم تي گول ڇلي دار ڪارا چِٽ ٿين ٿا. جسم جي هيٺئين ڀاڱي تي اهي چِٽ هلڪا ٿين ٿا. اڪثر پيٽ جو رنگ به اڇو يا هلڪو پيلو ٿئي ٿو. چيتي جو پڇ هموار ۽ ڊگهو ٿئي ٿو، جنهن کي وَٽ سَٽ پيو ڏيندو آهي. چيتي جو پڇ ڪُل جسم جي ڀيٽ ۾ ٽئين حصي جيترو ٿئي ٿو. اڪثر گهاٽن ٻُوڙن يا جابلو غارن ۾ رهندو آهي. جبل تي چڙهڻ ۾ ڪافي مهارت رکي ٿو. تارُو به آهي. تمام محتاط ۽ لِڪي رهندو آهي، انڪري تمام گهٽ ڏسبو آهي. اڪثر اونداهيءَ ۾ شڪار ڪندو آهي. چَڪ هڻي شڪار ڪندو آهي ۽ چنبن کان به مدد وٺي ٿو. چيتي جو موت اڪثر ڪري بک ۽ اُڃ سبب ٿيندو آهي.
سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ چيتي جي جنس هاڻي خطري هيٺ آهي. کيرٿر ۾ چيتي جو نسل ذري گهٽ اڻلڀ ٿي چڪو آهي، پر کيرٿر کان اولهه طرف بلوچستان ۾ باقي آهي. گذريل ويهارو سالن کان کيرٿر ۾ نظر نه آيو آهي. ڪارونجهر جبل ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڀارت جي بارڊر ٽپي چيتو ايندو آهي. بهرحال، سنڌ ۾ چيتي جو نسل ناياب ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو