چِلمچِي

چِلـمچِـي (Wash Stand): هي ٽامي پتل يا جست وغيره جو ٿانءُ هوندو آهي، جنهن ۾ هٿ يا منهن ڌوئڻ جو پاڻي گڏ ڪبو آهي. هي سنڌ ۾ روايتي طور اوطاقن تي استعمال ٿيندو آهي، جنهن ۾ مهمانن جا مانيءَ کان اڳ ۽ مانيءَ کان پوءِ هٿ ڌوئاريا ويندا آهن. بيمار ماڻهو به جڏهن اٿي ويهي نه سگھندو آهي ته ان کي به هٿ منهن چلمچيءَ ۾ ڌوئاريندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو