چِراٽو

چِراٽو

چِراٽو

چِراٽو (Chirata): هيءُ ٻوٽو ڪيترن ئي قسمن جو دنيا ۽ سنڌ ۾ ٿئي ٿو. عام طور هن جو ٻوٽو سوا ميٽر تائين ڊگهو هوندو آهي، جنهن جو ٿڙ 1.5 ملي ميٽر ٿئي ٿو. ٿڙ ۾ مختلف حصن تي ڳنڍيون ٿينديون آهن. هن ٻوٽي جا پن بيضوي شڪل جا، ڦودني سان ملندڙ جلندڙ هوندا آهن. هن جا ڏهاڪو قسم ڪڙا هوندا آهن. هيءُ ٻوٽو طبي علاج طور به ڪتب ايندو آهي. حڪيمن موجب هيءُ جگر ۽ معدي کي طاقت ڏيندڙ، جلندر، ڇاتيءَ جي سور، جگر جي سور ۽ رحم جي سور وارين بيمارين لاءِ مفيد آهي. هن کي ولجاڻ ۽ ماکيءَ سان استعمال ڪرائيندا آهن. اڄڪلهه رت صاف ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو.
هن کي يورپ ۾ به دوا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن جو مزاج گرم ۽ خشڪ هوندو آهي. هيءُ ٻوٽو ڪشمير کان وٺي نيپال تائين ٿئي ٿو. هن ٻوٽي کي عربيءَ ۾ ’قصب الزيره‘، فارسيءَ ۾ ’نهاوندي‘، سنسڪرت ۾ ’ڪرات‘، گجراتيءَ ۾ ’ڪريانو‘، بنگاليءَ ۾ ’چريٽا‘ ۽ انگريزي ۾’ Chirata‘ چئجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو