چُوڙيگر

چُوڙيگر (ذات): هڪ ذات جو نالو، حيدرآباد شهر ۾ چوڙيگرن جي گھٽي مشهور آهي، جنهن کي هن وقت ’ريشم گلي‘ چيو وڃي ٿو. ڪنهن زماني ۾ هتي عاج مان چمڙا ۽ چڪا نالي واريون مهرون به ٺهنديون هيون. تنهنڪري چوڙيگرن کي خاطربند به چوندا هئا. اڄ به حيدرآباد شهر ۾ چوڙيگرن واري گھٽي يا خاطو بندن جي بازار مشهور آهي. دراصل چوڙيگرن جو اصطلاح انهن ڪاريگرن لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪي شيشي، لاک وغيره مان چوڙيون، ڪنڱڻ وغيره ٺاهيندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو