چَؤنرو

چَؤنرو

چَؤنرو

چَؤنرو (گهر): ڪکن، ڪانن مان ٺهيل گول گھر، جيڪو عام طور ٿر جي علائقي ۾ رهائش لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هن اڏاوت ۾ ڪاٺ جو استعمال گھڻو ٿيندو آهي.
چـؤنرو اڳـي کـپ، ٻـوهـن ۽ سِڻ جـي گاهه ۽ ٻـائـوريءَ، ڪـونڀٽن، اڪن، روهيڙن ۽ ٻين وڻن جي ٽارين سان ٺاهيو ويندو آهي. تر ۾ ڪچين سرن جي گول پيڙهه ٺاهي اُن تي چؤنرو اڏيو ويندو آهي، نه ته گهڻو ڪري چؤنري جي پيڙهه ڪاٺين جي جوڙي ويندي آهي. هن نالي سان ضلعي سانگھڙ جي تعلقي کپري ۾ هڪ ديهه به موجود آهي جنهن ۾ قاضي شمس الدين، حاجي قديرالدين، ياسين خان، خدا بخش راڄڙ ۽ پريو راڄڙ ڳوٺ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو