چينا

چينا (ذات): هڪ ذات جو نالو، جيڪا اصل ۾ ’شينا‘ يا ’ڇينا‘ آهي. هي ’جَـٽ‘ راجپـوتـن جـو هـڪ قبـيـلـو آهـي، جنـهـن جـو بنيـاد سـنـڌ کان آيل هڪ ”ڇينا جٽ“ کان شروع ٿيو. پنجاب ۾ گھڻن هنڌن تي سندن ڳوٺ آهن. گھڻو ڪري هن وقت ديري غازي خان ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري سان سندن وڏي آبادي آهي. روايت آهي ته اٽڪل ست سؤ سال اڳ ڏکڻ سنڌ مان لڏي اچي سيالڪوٽ طرف آباد ٿيا. سنڌ جي ڊپٽي ڪليڪٽر شيخ صادق علي انصاري، سنڌ ۾ رهندڙ قبيلن بابت انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب “The Musalman Races Found in Sind, Balochistan and Afghanistan” لکيو آهي، جنهن جي صفحي 45 تي ’ڇينا‘ قبيلي کي سمن جي شاخ سڏيو ويو آهي.
چينا جٽ سنڌ مان پنجاب ۾ آباد ٿيا ۽ پنهنجي نالي سان ڄام جو لقب لڳائيندا آيا آهن، جيڪو ’چوڌري‘ جو متبادل سنڌي لفظ آهي. هي اصل ۾ راجپوت آهن، جن کي سنڌ ۽ ملتان مان عربن ڌڪي ڪڍيو هو. ملتان تي هي خاندان 1445ع کان 1562ع تائين حڪمران رهيو. سندن حڪومت جو سما خاندان اچي خاتمو ڪيو هو. ڪرنل ٽاڊ مطابق هنن کي سومرا پنوار راجپوتن جي خاندان مان ڄاڻايو آهي، جن جو تعلق سوڍا نک سان هو. امرڪوٽ ۽ بکر بابت روايت آهي ته هنن ئي آباد ڪيا هئا.
سيالڪوٽ ۾ چينا جٽن جي موجودگي بابت مشهور آهي ته سيالڪوٽ ضلعي جي ’جامڪي‘ شهر جو بنياد سنڌ مان لڏي آيل ’چينا جٽ‘ رکيو هو، جنهن پنهنجو لقب ’ڄام‘ مسلسل قائم رکيو. اڳتي هلي چينا جٽ وڏي تعداد ۾ سيالڪوٽ کان چناب تائين ڦهلجي ويا. ديري اسماعيل خان ۾ به هن قبيلي جا ڪيترا ماڻهو آباد آهن.


لفظ چيناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو